اکين جي ميڪ اپ ۾ آءِ شيڊو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ شيڊو اکين جي خوبصورتيءَ کي اجاگر ڪندو آهي، جنهن سان عورتن جي سونهن ۾ ويتر اضافو ٿي ويندو آهي.

اڄوڪي دور ۾ نون نون رنگن جي تجربن ميڪ اپ کي انتهائي دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي، ان سان گڏوگڏ صاف سٿريون ۽ چمڪندڙ اکيون به هر عورت جي خوبصورتيءَ لاءِ اهم آهن.

اکيون ڪيتريون به وڻندڙ ڇو نه هجن پر انهن کي ميڪ اپ جي مدد سان وڌيڪ خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو.

 ميڪ اپ جي دنيا ۾ آءِ شيڊو اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. اکين جي ميڪ اپ ۾ آءِ شيڊو جو استعمال سڀ کان آخر ۾ ڪيو ويندو آهي پر ان کي مسڪاري ۽ آءِ لائنر کانسواءِ لڳائڻ گهرجي، جڏهن ته صبح جو به آءِ لائنر استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ڇو ته ان سان ميڪ اپ گهرو لڳندو آهي، جيڪو چهري جي خوبصورتي کي به متاثر ڪندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.