جرمني شام ۾ زميني دستا موڪلڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

 

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني پنهنجا زميني دستا شام نه موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

برلن حڪومت جي هڪ ترجمان ٻڌايو ته دهشتگرد تنظيم اسلامڪ اسٽيٽ خلاف ڪارروائيون اڳ کان طئي ڪيل منصوبي موجب ئي جاري رهنديون.

سندس چوڻ هو ته داعش خلاف اتحاد ۾ جرمن فوجي هوائي نگراني ۽ جهازن کي تيل فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ عراقي دستن کي تربيت ڏيڻ جهڙا فرض انجام ڏئي رهيا آهن، ان منصوبي ۾ جرمني جي زميني دستن جو ڪو ذڪر ناهي.

واضح رهي ته آمريڪا تازو ان خواهش جو اظهار ڪيو هو ته جرمني شام ۾ پنهنجي زميني دستا موڪلي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.