لڪس اسٽائل ايوارڊز جو بائيڪاٽ ڪندڙ فنڪارن جي ٿورائتي آهيان: ميشا شفيع

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڳائڻي ميشا شفيع لڪس اسٽائل ايوارڊز جو بائيڪاٽ ڪندڙ فنڪارن جو شڪريو ادا ڪندي چيو آهي ته آئون انهن سمورن ماڻهن جو احترام ڪريان ٿي جن احتجاجن ايواردن جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ منهنجو ساٿ ڏنو.

ٻه ڏينهن اڳ لڪس اسٽائل ايوارڊز جي رنگارنگ تقريب جو ميلو لڳو جنهن ۾ پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي فنڪارن شرڪت ڪري تقريب کي چار چنڊلڳائي ڇڏيا. پر هن دفعي لڪس اسٽائل ايوارڊز گذريل ورهين ۾ منعقد ٿيندڙ ايوارڊن کان مختلف انڪري هيو ڇو جو هن دفعي نامزد ٿيندڙ ڪيئي فنڪارن جنسي هراساني خلاف احتجاجن ايوارڊن جو بائيڪاٽ ڪري پنهنجي نامزدگي واپس ورتي هئي.

ميشا شفيع سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ايوارڊ جو بائيڪاٽ ڪندي فنڪارن کي مخاطب ڪندي چيو ته آئون انهن سمورن ماڻهن جو احترام ۽ تعريف ڪرڻ چاهيان ٿي جن مون سان ۽ جنسي هراساني جو شڪار ٿيندڙ ماڻهن سان ٻڌيءَ جو اظهار ڪندي نه رڳو ايوارڊن جو بائيڪاٽ ڪيو پر احتجاجن پنهنجي محنت ۽ ڪاميابين جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي نامزدگي تان پوئتي هٽي ويا.

ميشا شفيع ايوارڊن جو بائيڪاٽ ڪندڙ فنڪارن جون تصويرون به پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي شيئر ڪيون جن ۾ ماڊل ايمان سليمان، رباب علي، صائمه برگ فريڊ، چار ڪيٽيگرين ۾ نامزد ٿيندڙ بيڊ دي اسڪيچنز وغيره شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.