نيشنل پوورٽي پروگرام سان لکين ماڻهن جون حالتون سڌارينداسين….!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته نيشنل پوورٽي پروگرام سان لکين ماڻهن کي غربت جي دائري کان ٻاهر ڪڍڻو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزير اعظم عمران خان چيو ته غربت مان ڪڍڻ واري قومي گريجوئيشن پروگرام جو افتتاح ڪري خوشي ٿي.

وزير اعظم چيو ته نيشنل پوورٽي گريجوئيشن، احساس پروگرام جي هيٺ لکين منصوبن مان هڪ آهي، جنهن جو مقصد فنڊ، وسيلا، ماهراڻي تربيت جي ذريعي لکين ماڻهن کي مناسب مهاتون فراهم ڪري غربت جي دائري مان ٻاهر ڪڍڻ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.