ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي صحافين سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ پوليس پاران صحافين خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيل ڪوڙن ڪيسن جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، جيڪڏهن سنڌ سرڪار فوري قدم نه کنيا ته سڄي سنڌ جا صحافي سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻندا اهڙواظهار ڪالهه سنڌ جنرلسٽ ڪائونسل، پارلياماني رپورٽرز ايسوسيِئيشن ۽ ڪرائيم رپورٽرز ايسوسيئيشن طرفان اسڪائوٽس آڊيٽوريم ۾ سڄي سنڌ کان آيل صحافين جي صحافت دهشتگردي نه آهي جي سري هيٺ ڪوٺايل ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو، ڪنوينشن کي خطاب ڪندي سينيئر صحافي مظهر عباس چيو ته صحافين تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيسن جي معاملي تي وڏي وزير کي نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائڻ گهرجي، هن چيو ته ميڊيا هائوسز جا مالڪ ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن پر ڪارڪنن کي پگهار به مشڪل سان ملي ٿي، پارليماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي صدر منور عالم چيو ته اسان جي جدوجهد ڪنهن به ڏوهاري جي حمايت ڪرڻ نه پر صحافين تي ڊرامائي انداز ۾ مسلسل داخل ٿيندڙ سنگين ڏوهن وارن ڪيسن جي شفاف جاچ لاءِ آهي، هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت صحافين تي ڪيسن جي غيرجانبدار جاچ ۾ گوٿناٿ جاري رکي ته پوءِ سڄي سنڌ ۾ صحافي احتجاجي تحريڪ شروع ڪندا، سنڌ جرنلسٽ ڪائونسل جي صدر غازي جهنڊير صدارتي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ پوليس جا ڪجهه آفيسر صحافين ۽ انهن جي گهر ڀاتين خلاف ڪوڙن ڪيسن ذريعي نه صرف قانون جي لتاڙ ڪن ٿا، پر اهي صحافين ۾ دهشت ڦهلائي رهيا آهن. هن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته غيرجانبدار جاچ ذريعي صحافين، سندن گهر ڀاتين ۽ دوستن خلاف داخل ڪيسن پويان لڪل هٿن جو پتو لڳايو وڃي ۽ جيڪي آفيسر بدنيتي جي بنياد تي ڪوڙن ڪيسن ۾ملوث آهن انهن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي. ڪنوينشن کي سينيئر صحافين عبدالرزاق سروهي، شوڪت زرداري، عاجز جمالي، منظور سولنگي، ڪامل عارف، طحه عبيدي، امداد ڦلپوٽو، ممتاز نهڙيو، صدرالدين شيخ، جميل چانڊيو، زاهد قائمخاني، اي ڪي چوهاڻ، تاج ٽانوري، منظور ٻگهيو، ساحل جوڳي ۽ ٻين خطاب ڪندي سنڌ ۾ پوليس طرفان صحافين ۽ سندن گهر ڀاتين تي سنگين ڪيسن جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو. آخر ۾ ٺهراءَ پاس ڪيا ويا، جنهن ۾ چيو ويو ته دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪوڙن ڪيسن جي شفاف جاچ لاءِ سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هنيو ويندو، صحافين جي تحفظ ۽ صفن ۾ موجود ڪارين رڍن کي الڳ ڪرڻ لاءِ ڊويزن سطح تي صحافين جا اجتماع ڪيا ويندا، جعلي صحافي صحافتي پيشي جي بدنامي جو سبب بڻيل آهن، ان ڪري جعلي صحافين کي بي نقاب ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ويندو، ٺهراءَ ذريعي مطالبو ڪيو ويو ته سکر جي ڊي آءِ جي کي ذاتي انتقام لاءِ صحافين ۽ انهن جي گهر ڀاتين تي ڪيس ڪرڻ ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ تي ان کي فوري طور تي هٽايو وڃي.