افغانين جو پاڪستان خلاف نمڪ حرامي جو ثبوت

زرار پيرزادو

نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون

ڪجهه سال اڳ جڏهن عرب امارات ۾ ڪرڪيٽ جو ايشيا ڪپ هلي رهيو هو، جنهن ۾ افغانستان جي ٽيم ”اسٽار ٽيم“ بڻجي اڀري رهي هئي، ان ٽورنامينٽ ۾ افغانستان جو پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سان به مقابلو ٿيو هو جنهن ۾ افغانستان، پاڪستاني ٽيم کي ٽف ٽائيم پڻ ڏنو هو.

ان ميچ ۾ سندن وڪيٽ ٽيڪر ۽ اسپن بالر راشد خان پاڪستاني بيٽسمينن کي آئوٽ ڪرڻ کان پوءِ آڱر جي اشاري سان انتهائي توهين واري ۽ تڙڻ واري انداز سان کين ميدان کان ٻاهر وڃڻ جو چئي رهيو هو.

راشد خان اهڙو انداز اتفاق سان ان موقعي تي اختيار ڪيو هو، جڏهن پاڪستان جي موجوده وزيراعظم ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽر عمران خان تن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ تقرير ڪندي افغانين ۽ بهارين کي شهريت ڏيڻ جي خواهش ۽ ارادو ظاهر ڪيو هو.

راشد خان جي ان اڍنگي رويي تي سوشل ميڊيا تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو ۽ ڪيترائي انڪشاف پڻ ڪيا ويا هيا.

سوشل ميڊيا جي معلومات موجب راشد خان کي افغانستان کان علاوه پاڪستان جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ به آهي، ان سڃاڻپ ڪارڊ تي ئي ان اسلاميه ڪاليج مان تعليم به حاصل ڪئي آهي، سندس ڀائرن جو به پاڪستاني نادرا جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بڻيل آهي.

راشد خان جو خاندان پشاور ۾ اليڪٽرانڪس، ٽائر ۽ ريم جو ڪاروبار ڪندو آهي، پشاور ۾ سندن عاليشان بنگلا آهن.ٻاهرين ملڪن جو سفر ڪرڻ لاءِ به سندن خاندان پاڪستاني پاسپورٽ استعمال ڪندو آهي.

سوشل ميڊيا تي تڏهن اهو به سوال اٿاريو ويو هو ته ان خاندان کي ڪهڙي قانون تحت پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ڏنو ويو آهي.

راشد خان بابت اهو به انڪشاف ڪيو ويو هو ته هو ذاتي ڪچهرين ۾ پڻ پاڪستان خلاف به بڪواس ڪندو رهندو آهي.

اسان لاءِ اها سٺي ڳالهه هئي ته راشد خان جي بهاني سوشل ميڊيا تي افغانين جي شهريت تي سوال اٿاريو ويو ۽ اهو مطالبو ڪيو ويو هو ته جنهن انداز سان راشد خان پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي تڙي رهيو هو، تنهن انداز سان پاڪستاني حڪومت به افغانين کي ايئن ملڪ مان تڙي ڪڍي.

پر ٻئي پاسي آهي اسان جو نئون وزيراعظم عمران خان جنهن ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث افغانين ۽ بنگالين خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ کين ملڪ نيڪالي ڏيڻ بدران چئي پيو ته ويچارن بهارين ۽ افغانين کي سنڌ ۾ شهريت نٿي ڏني وڃي، کين روزگار نٿو ڏنو وڃي، تڏهن ٿا اهي اسٽريٽ ڪرائيم ڪن.

ڪراچي اندر اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث افغانين ۽ بهارين ڏوهارين جو وزيراعظم من وڌائي ڇڏيو آهي ته اوهان اسٽريٽ ڪرائيم ڪندا رهو، انعام ۾ اوهان کي ملڪي شهريت ڏني ويندي.

وزيراعظم عمران خان، نمڪ حرامي ڪندڙ افغانين ۽ بهارين جو ته ڪراچيءَ تي حق سمجهي ٿو پر بقول سندس هو ”اندرون سنڌ“ وارن يعني سنڌين جو ڪراچي تي حق نٿو سمجهي.

سو راشد خان جي اڍنگي رويي جو آءِ سي سي ته نوٽيس ورتو هو پر افسوس وزيراعظم عمران خان جي سوچ تي آهي جنهن اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث افغاني ۽ بهاري ڏوهارين کي ”ويچارو“ چيو آهي.

هاڻي به سال 2019ع جي هلندڙ ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ ۾ افغان تماشبينن پاڪستان خلاف افغانستان جي ميچ ۾ هڪ پاڪستاني  ڪرڪيٽ ٽيم جي حامي تماشبين کي گرائونڊ کان ٻاهر تشدد وگهي ماري ڇڏيو.

ان سان گڏ گرائونڊ اندر به افغان تماشبين پاڪستاني ڪرڪيٽرن تي به حملو ڪيو ۽ ”افغان-ڀارت ڀائي ڀائي“ جا نعرا هنيا.

سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ”نمڪ حراميءَ“ جو مظاهرو انهن افغانين ڪيو آهي جن کي پاڪستان اندر پاليو پيو وڃي، کين سڃاڻپ ڪارڊ ڏنو پيو وڃي ۽ جنهن جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ راشد خان ۽ انضام الحق جهڙن پاڪستاني ڪرڪيٽرن ڪئي آهي سي اڄ پاڪستان کي اکيون ڏيکاري نمڪ حرامي جو ثبوت ڏئي رهيا آهن.

 

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.