گلوبل وليج جي ايڪس جنريشن

يوسف سيف

گذريل ٽن ڏهاڪن يا ٽيهارو کن ورهين دوران سائنس جي ترقيءَ زندگيءَ کي نئين معنيٰ ڏئي ڇڏي آهي يا ان جي تشريح ئي تبديل ڪري ڇڏي آهي. نت نئين ايجادن پراڻين شين جي جاءِ ورتي آهي ۽ پراڻيون شيون پنهنجي اهيمت وڃائي ويٺيون آهن.

گلوبل وليج واري هن دنيا خصوصي طور انٽرنيٽ جي پکڙيل ڄار ۾ جڙيل هاڻوڪي جنريشن لاءِ رواجي استعمال جون اڳوڻيون شيون ڄڻ ماضي جو قصو ٿي ويون آهن. پر اها حقيقت آهي ته گذريل نسل انهن ئي شين کي جديد سمجهندو رهيو هو، ان سان ئي زندگيءَ جا مشاهدا، تجربا ڪيا ۽ ان ذريعي ئي علم حاصل ڪيو هو.

1990ع کان 1995ع تائين پهچ رکندڙ ۽ سرندي پڄندي وارن کي انٽرنيٽ جي سهولت ۽ ڄاڻ ملي وئي هئي. ان کانپوءِ آهستي آهستي انٽرنيٽ ڪيترن ئي ادارن جي لازمي ضرورت بڻجي وئي. رڳو ان کان ڪجهه سال اڳ ٻار اسڪول ۾ تختي تي پڙهندو هو. مس سان لکيل اکرن کي ياد ڪندو هو، ان کي ميٽ سان مٽائي وري مس ۾قلم ٻوڙي استاد ٻيو سبق لکي ڏيندو هو. هاڻوڪي نسل کي اهو سمجهائڻ بنهه ڏکيو ٿيندو ته اها تختي/پٽي ڇا هئي. پر اڄ به چوڻ ۾ آهي ته ”فلاڻي فلاڻي کي پٽي پڙهائي“. پٽي کانپوءِ پٿر جي سليٽ تي اکر لکيا ويندا هئا، جيڪا اڳتي هلي ڪري ”ٽين“ جي سليٽ ۾ تبديل ٿي وئي.

70ع واري ڏهاڪي ۾ ون بينڊ ريڊيو اسرندڙ ملڪن جيان سنڌ ۾ به متعارف ٿيو. هاري هر ڪاهيندي، ڳوٺن جي ٻاهران ڪچهرين ۾، گهر ۾ وڏڙا معلومات ۽ تفريح موسيقي لاءِ ريڊيو ٻڌندا رهيا. 1977ع کان وٺي 1980ع تائين ٽيليويزن اچي ويو، سرندي پڄندي وارا پنهنجي لاءِ خريد ڪري سگهيا، اڪثر ماڻهو هوٽلن تي چانهه پي، ٽي وي ڏسندا هئا. ريڊيو کانپوءِ ٽيپ رڪارڊر اچي ويو، ڪيسٽ پليئرز به اچي ويا. هر ايندڙ نئين شيءِ پراڻي جي اهميت کي وڏو ڌڪ هنيو.

انسان باهه کي پئدا ڪرڻ/باهه ٻارڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته اها سندس وڏي ڪاميابي ليکي پئي وئي. پوءِ ٻرندڙ باهه کي وسائڻ نه ڏيڻ لاءِ هڪ ڊگهو سفر شروع ٿيو، ڪنهن ٻئي فرد کي باهه ٻارڻي هوندي هئي ته اهو ٽانڊو وٺي ويندو هو، جنهن ڪري ئي ”آئي ٽانڊو کڻڻ ٿي وئي بورچياڻي“ جهڙو مثال به جڙيو.

ان باهه مان روشني حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي تجربا ٿيا. لالٽين، فانوس، ڏيئو، ڏياٽي ۽ نيٺ منٽل فلامنٽ وارا گيس گولا آيا. هاڻي ته اڃا به معاملو بجلي کانپوءِ متبادل پاور ڏانهن وڌي رهيو آهي. پراڻيون شيون پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگهيون آهن.

ٽپالي خط /پارسل پهچائيندو هو، سندس چڱيءَ چوکي اهميت، مان ۽ شان هوندو هو، وقت بدليو، مٽن مائٽن ۽ احبابن سان رابطي لاءِ لينڊ لائن فون اچي ويو، سرندي وارن وٽ فون اسٽيٽس سمبل ٿي ويو. اڳتي هلي فيڪس مشين ائي، فيڪس مشين بنهه ٿوري ئي عمر ماڻي ۽ هاڻي به پنهنجي بقا جي جدوجهد ۾ آهي.

ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي جو وائرليس فون آيو هو، جنهن کي سمارٽ فون شڪست ڏئي ڇڏي، سمارٽ فون ته صفا ليپ ٽاپ سان به مقابلي جي ميدان ۾ آهي.

دنيا ۾ آمدورفت خاص ڪري ڳري سامان جي امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جو اهم ذريعو اڄ به پاڻي وارا جهاز آهن، پر ڪجهه ڏهاڪا اڳ تائين حجاز مقدس جي سفر لاءِ حج پانڌيئڙا پاڻي وارن جهازن تي چڙهي ڀلي پار ويندا هئا.

جانورن کي جوٽي گاڏين ڇڪڻ کان اڳ صرف جانور ئي سامان کڻڻ، نيئڻ ۽ پهچائڻ جو اهم ذريعو هئا پر هاڻي ته بيل گاڏيون، اٺ گاڏيون، گهوڙا گاڏيون، گڏهه گاڏيون ڄڻ ختم ٿي ويون آهن. انهن جي جاءِ سوزوڪي پڪ اپ، ڊاٽسن پڪ اپ ۽ ٻين گاڏين وٺي ورتي آهي.

زمين ۾ هر کيڙڻ لاءِ ڀلو جوڙو هاري لاءِ لازمي هوندو هو، جنهن جي جاءِ هاڻي ٽريڪٽرن ورتي آهي.

اسان کان وڌيڪ اهڙن معاملن تي اسٽڊي سروي ۽ جامع سروي يورپ جي سڌريل معاشرن ڪئي آهي. انهن ئي پنهنجن جوڙيل انگن اکرن سان اهو ٻڌايو آهي ته 1961ع کان 1981ع دوران جنم وٺندڙ جنريشن ماضي ۽ حال کي ڏسندڙ، انهن حالتن، اوزارن، سامان سرڙي کي ڏسندڙ ۽ ان مان سکندڙ جنريشن آهي. انهيءَ جنريشن وٽ جديد ۽ قديم جي سنگم جو گهڻو علم آهي. انهيءَ جنريشن کي ايڪس جنريشن جو نالو ڏنو ويو آهي. جنهن وٽ سکڻ ۽ سيکارڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي ۽ ان کانپوءِ واريءَ جنريشن لاءِ ويجهي ماضي جون ڳالهيون، شيون عجائب خاني ۾ رکيل ورثو ئي هونديون.

Leave A Reply

Your email address will not be published.