سنڌ واسين جي واهر ڪريو

امتياز چانڊيو

ڏينهن رات تبديلي جا نعريٰ هڻندڙ پارٽي جي حڪومت جي ناڪامي سبب سنڌ سميت سڄو ملڪ هن وقت بدترين مهانگائي جي ورچڙهي ويو آهي، هيٺين طبقي جا ماڻهو ويلو ويهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ مڊل ڪلاس وارن ماڻهن جون به مهانگائي اکيون ٻاهر ڪڍي ڇڏيون آهن، ايتري مهانگائي جو ماڻهو پنهنجي معمول جي زندگي جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڳڻتي ۾ وڪوڙجي ڊپريشن جا مريض بڻجندا پيا وڃن، بجلي، گيس، پيٽرول ۽ کاڌي پيتي جي شين جي وڌندڙ قيمتن سبب هن وقت سنڌ ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته بيروزگاري جي طوفان به نوجوانن کي گهيري ۾ آڻي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ اندر مايوس ٿي نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جمهوريت جي نالي ۾ قائم ٿيل موجوده حڪومت ۾ ماڻهو معاشي ٻوسٽ جو شڪار ٿي مايوسي طرف وڌي رهيا آهن، هڪ مهيني ۾ ٿر واري علائقي ۾ سوين نوجوانن بيروزگاري، بک ۽ بدحالي کان تنگ اچي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو آهي، ڪيترين ئي عورتن پنهنجن ٻچڙن جي بک برداشت نه ڪندي کوهن ۾ ٽپا ڏئي ۽ ڳچين ۾ رسا ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، حڪومت ماڻهن جو سهارو بڻجڻ بجاءِ ماڻهن کي بي يارو مددگار ڇڏيو آهي، جنهن ڪري ماڻهن کان هاڻي جيئڻ جو حق به کسبو پيو وڃي.

ماڻهن کي روزگار ۽ بنيادي سهولتون ڏيڻ وقت جي حڪمرانن جو ڪم هوندو آهي، پر هتان جا ته حڪمران ته بيرحم ٿي ويا آهن، موجوده حڪومت عوام دشمن بجيٽ پيش ڪئي آهي، اهڙي بجيٽ جنهن ۾ ماڻهن جي چيلهه چٻي ٿي وئي آهي، موجوده بجيٽ جي ڪري عام زندگي تمام گهڻو متاثر ٿيڻ لڳي آهي، جڏهن کان بجيٽ پاس ٿي آهي، غريب طبقو موت جي ورچڙھي ويو آهي، بجيٽ پيش ٿيڻ کان پوءِ مخالف ڌر مسلسل احتجاج ڪيو، عوام دشمن وفاقي بجيٽ واپس وٺڻ جا مطالبا ڪيا، پر حڪمرانن کي ماڻهن جي حال تي رحم نه آيو ۽ زور ڪري بجيٽ کي پاس ڪرايو ويو، بجيٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه چوٽ چاڙهيا ويا ۽ ماڻهن مٿان بي رحماڻي طريقي سان نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا ويا آهن، هاڻي ئي بجيٽ جا اثرات تمام خطرناڪ شڪل اختيار ڪري چڪا آهن، ڇو ته بجيٽ جي منظور ٿيڻ کان اڳ ئي واپارين ۽ منافي خورن شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا، جنهن ڪري عوام جون رڙيون نڪري ويون آهن.

هڪ طرف مهانگائي ماڻهن کي پريشان ڪيو آهي ته وري سنڌ مٿان هڪ قدرتي آفت اچي پهتي آهي، اها آفت ماڪڙ جي صورت ۾ ظاهر ٿي آهي، ماڪڙ سنڌ جي زراعت کي تيزي سان تباهه ڪري رهي آهي، جنهن ڪري سنڌ جا هاري ۽ آبادگار ڏڪار طرف ڌڪجي رهيا آهن، پاڻي جي کوٽ سبب اڳ ۾ ئي سنڌ جا هاري ۽ آبادگار سخت پريشانيءَ جو شڪار آهن، هاري ويلن ڪاٽڻ تي مجبور آهن، هاڻي هن مصيبت ماڻهن کي ويتر پريشان ڪري ڇڏيو آهي، حڪمران صرف بيان ڏيڻ ۾ پورا آهن، هارين ۽ آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن، ان سلسلي ۾ حڪومت جو ڪردار تمام گهڻو سست نظر پيو اچي، انديشو آهي ته ماڪڙ سبب ڏڪار نه اچي وڃي، سنڌ تڪليفن ۾ آهي، پر افسوس ته ملڪ جا وزير، مشير، ايم اين اي ۽ ايم پي اي هن وڏي عوامي مسئلي کان لاتعلق ٿيا ويٺا آھن.

ٻئي طرف ڳالهه ڪجي ان خطرناڪ مرضن جي جيڪي سنڌ جي عورتن، ٻارڙن ۽ مردن ۾ تيزيءَ سان پکڙجي رهيا آهن، اهو آهي ايڊز، شگر ۽ هيپاٽائيٽس جو مرض، هنن مرضن اتر سنڌ کان منهن ڪڍيو ۽ هاڻي سڄي سنڌ ۾ تيزي سان پکڙجي رهيا آهن، صحت کاتو اڃا تائين اهو پتو ناهي لڳائي سگهيو ته هي خطرناڪ مرض ڪهڙن سببن ڪري تيزي سان ڦهلجي رهيا آهن، اڳ ۾ اسان ٻڌندا هئاسين ته دنيا ۾ ڪو ايڊز نالي مرض پيدا ٿيو آهي، جيڪو آفريڪا جي جانورن ۾ هو، بعد ۾ اهو آفريڪا جي ماڻهن ۽ ٻين انگريز ملڪن ۾ پکڙجي ويو، اهو مرض انسان کي زنده ناهي ڇڏيندو، جتي اهو مرض پکڙيو، اتي ته ان مرض تي قابو پائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون، پر حيرانگي تڏهن ٿي، جڏهن خبر پئي ته اهو مرض رتوديرو کان مسوڀرڳڙي تائين جي ماڻهن ۾ اچي پهتو، اهو مرض هتي ڪيئن آيو ۽ ڪهڙي طريقي سان پهتو، ان بابت اڃا تائين صحت کاتو لاعلم بڻيل آهي، بهرحال هن وقت سنڌ جا ڪيترائي ماڻهو انهن بيمارين کي منهن ڏئي زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيا آهن.

هاڻي حيرانگي جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ تي آيل ايڏي وڏي مصيبتن جي باوجود اڃا تائين وقت جي حڪمرانن حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي به هنگامي اپاءَ نه ورتا آهن، ماڻهن کي پنهنجي حال تي ڇڏيو ويو آهي، سنڌ جي ماڻهن کي بيروزگاري، مهانگائي، بيمارين ۽ ماڪڙ جهڙا مرض وڪوڙي ويا آهن، پر اڃا تائين ٻڌڻ ۾ پيو اچي حڪمرانن جو هڪ جملو ته “آپ گهبرانا نهين” ڇا هي حڪمران ماڻهن کي مارڻ گهرن ٿا، سنڌ جي ماڻهن جي تڪڙي مالڪي جي ضرورت آهي، سنڌ جي ماڻهن جي واهر ڪري کين انهن مصيبتن جي گهيري مان ڪڍيو وڃي ته جيئن ماڻهو سک جو ساهه کڻي سگهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.