نندي پور پاور ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ بري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نندي پور پاور پروجيڪٽ ۾ دير بابت ريفرنس ۾ بابر اعواڻ کي بري ڪيو ويو، جڏهن ته  اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف جي بريت جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نندي پور پاور پراجيڪٽ ۾ دير بابت ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت بريت جي درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.  احتساب عدالت بابر اعواڻ کي بري ڪري ڇڏيو ۽ رياض ڪياني جي بريت جي درخواست به منظور ڪري ورتي جڏهن ته شمائلا محمود، پرويز اشرف ۽ رياض محمود جي بريت جون درخواستون رد ڪيون ويون.

Leave A Reply

Your email address will not be published.