والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج وڌيڪ ٻن ڪشيمرين کي شهيد ڪري ڇڏيو

سرينگر (ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج وڌيڪ ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فوج اسلام آباد ضلعي جي علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ۽ اننت ناگ ۾ گهر گهر تلاشي ورتي.

ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي فوج آپريشن دوران رياستي دهشتگردي جو مظاهرو ڪندي ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

قابض انتظاميا اسلام آباد ضلعي ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.