پاڪ – ڀارت دنگل: وزيراعظم عمران خان جو شاهينن کي پيغام

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان قومي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته رانديگر ڀارت خلاف دليري سان کيڏن، انهن کي شڪست جو خوف وساري پنهنجي راند کيڏڻ گهرجي.

ورلڊ ڪپ 2019 جو سڀ کان وڏو مقابلو سڀاڻي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مانچسٽر ۾ ٿيندو، جنهن جو شوقينن کي بي صبريءَ سان انتظار آهي ۽ اڳوڻا ڪرڪيٽر به پاڪ – ڀارت ميچ جي حوالي سان پنهنجا بيان ڏئي رهيا آهن.

ان ڏس ۾ پاڪستاني وزيراعظم ۽ اڳوڻي ڪپتان عمران خان به قومي ٽيم لاءِ پيغام جاري ڪيو آهي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو، ان موقعي تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستاني ٽيم کي دليري ڏيکارڻي پوندي، رانديگرن کي گهرجي ته شڪست جو خوف وساري پنهنجي راند کيڏن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.