عادلپور ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي، ڪيلنڪون سيل

عادلپور  (ويب ڊيسڪ) عادلپور ۾ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن عطائي ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪري ڪيتريون ئي ليبارٽريون سيل ڪري ڇڏيون.

 جي ڊاڪٽر اقبال چانڊيو ۽ ڊاڪٽر آصف ڪلوڙ جي اڳواڻي ۾  عطائي ڊاڪٽرن ۽ غيرقانوني ليبارٽرين خلاف ڪاروائي ڪئي وئي

ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي  ڊاڪٽر اقبال چانڊيو  ۽ ڊاڪٽر آصف ڪلوڙ   پوليس ساڻ ڪري  عطائي ڊاڪٽرن ۽ غير قانوني ليبارٽرين خلاف سخت ڪاروائي ڪندي عطائي ڊاڪٽر راجڪمار ،شبير، انور حيدر شاھ انور سھتو، عبدالشڪور ڪلوڙ  جون ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون.

جڏهن ته دعا ليب ،تنوير ليب ۽ ارسلان ليبارٽري کي سيل ڪيو ويو  جڏهن ته عطائي ڊاڪٽر فھد ابڙو ، سميع الله ۽ ٻيا ڪلينڪون بند ڪري ڀڃي ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.