هالينڊ ( ويب ڊيسڪ ) پاڻمرادو اڏامندڙ ڊرون جي حوالي سان هڪ اهم خبر هالينڊ مان آئي آهي جتي ٽي يو ڊيفلٽ يونيورسٽي جي انجينيئرن دنيا جو سڀ کان ننڍو ۽ خودمختيار ڊرون تيار ڪري ورتو آهي.
مڪمل طور خودمختيار ان ڊرون جو وزن 72 گرام آهي، ويڪرائي 10 سينٽي ميٽر اٿس ۽ اهو ٻه ميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان اڏام ڪري سگهي ٿو.
ڊيلفٽ يونيورسٽي آف ٽيڪنالوجي جي ماهرن دعويٰ ڪئي آهي ته اهو دنيا جو ننڍو خودمختيار ڊرون آهي.
ان ڊرون کي هوائي ريس لاءِ استعمال ڪري سگهجي پر ايتري ننڍي پئماني تي ڊرون تيار ڪرڻ لاءِ شروعاتي نوعيت جون ڪيئي تبديليون ڪيون ويون آهن ۽ نوان الگورٿم ۽ سافٽ ويئر تيار ڪيا ويا آهن.
ڊرون کي ويهه لک ڊالر جي هٿرادو ذهانت ( آرٽي فيشل انٽيليجينس ) روبوٽڪ ريسنگ مقابلي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. روبوٽ مقابلي جي شرط اها آهي ته اهي ( روبوٽ ) مڪمل طور تي خودمختيار هجن ۽ ڪنهن آپريٽر بدران پنهنجي سافٽ ويئر جي مدد سان اڏام ڪري سگهن. اي آءِ ريسنگ مقابلي جي انعامي رقم ڏهه لک ڊالر ۽ انساني آپريٽر کي هارائيندڙ خودمختيار روبوٽ لاءِ اڍائي لک ڊالرن جو انعام رکيو ويو آهي.
ڊيفلٽ يونيورسٽي ٽيم جي سربراهه گائيڊو ڊي ڪرون جو چوڻ آهي ته خودمتيار ڊرون جو تحقيقي ميدان ۾ سنجيدان فن بڻجي چڪو آهي. ريسنگ ڊرون لاءِ جديد ترين پروسيسرز ۽ معياري ڪيمرا گهربل هوندا آهن جنهن جي لڳڻ سان ڊرون وزني ٿي ويندو آهي.
هاڻ ان ڊرون ۾ هڪ ڪيمرا ۽ هڪ پروسيسر لڳل آهي پر اڏام ۾ رهنمائي لاءِ خاص قسم جا الگورٿم ۽ سافٽ ويئر تيار ڪيا ويا آهن.
يعني پروسيسر ۽ ڪيمرا جو ڪم الگورٿم کان ورتو ويو آهي.