”سرفراز احمد ڌوکو نه ڏيندو“

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان معين خان چيو آهي ته عالمي ڪپ ۾ سرفراز احمد مٿان ڪارڪردگي ڏيکاڻ لاءِ دٻاءُ آهي.

معين خان ڪپتان سرفراز جي حمايت ڪندي چيو ته هو سدائين سندس پسنديدا وڪيٽ ڪيپر رهيو آهي ۽ ساڻس سٺو تعلق آهي. سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا،  هو مايوس نه ڪندو.

اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته عالمي ڪپ جهڙي وڏي ايونٽ ۾ قيادت ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي، انهن سمورين ڳالهين کان سرفراز احمد چڱي ريت واقف هوندو ۽ کيس زبردست ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري سڀني کان اڳتي نظر اچڻو پوندو.

هن وڌيڪ چيو ته وهاب رياض، محمد عامر ۽ شاداب خان جي موجودگي ۾ ٽيم پاڪستان جي بالنگ اثرائتي نظر اچي رهي آهي ها پر فيلڊنگ جي شعبي ۾ ڪوتاهيون نه هلنديون، سٺي فيلڊنگ ئي اڳتي وڃڻ جو رستي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.

معين خان 1999ع جي عالمي ڪپ ۾ هرشل گبز جي ڇڏيل ڪيچ جو ذڪر ڪندي چيو ته هن اسٽيوا جو ڪيچ ڊراپ ڪيو جنهنڪري ڏکڻ آفريڪا نه ميچ هارائي پر آسٽريليا عالمي ڪپ چيمپيئن به بڻايو .

سندس چوڻ هو ته سرفراز احمد تي يقينن دٻاءُ هوندو هو ڪپتان آهي ۽ اها ڪا نئين ڳالهه نه هوندي، سٺي ڳالهه اها آهي ته وجهڙائي ۾ بيٽنگ جي شعبي ۾ بيٽسمين جون رنسون ڪرڻ هڪ هاڪاري ڳالهه آهي.

معين خان پاڪستاني ٽيم لاءِ اميد ظاهر ڪندي چيو ته ٽيم پاڪستان لاءِ ايندڙ وقت سٺو ڏسي رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.