ورلڊ ڪپ: ڪاري آنڌيءَ قومي ٽيم کي گهمائي لاٿو

ناٽنگهم ( ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ عالمي ڪپ 2019ع جي پنهنجي پهرين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز اڳيان 105 رنسن تي هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏيا. جنهن جي جواب ۾ ويسٽ انڊيز گهربل هدف 3 وڪيٽن جي نقصان تي آساني سان پورو ڪري ورتو.

ناٽنگهم جي ٽرينٽ برچ ۾ ٻئي ٽيمون پنهنجي مهم جي شروعات ڪري رهيون آهن، جتي ويسٽ انڊيز جي ڪپتان جيسن هولڊر ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو سندس لاءِ فائديمند ثابت ٿيو. پاڪستان جي بيٽنگ جي شروعات سٺي نه رهي ۽ امام الحق ٻه رنسون ٺاهي 17 جي مجموعي پويلين روانو ٿيو.

  35 رنسن جي مجموعي تي فخر زمان به آندري رسل جي بال تي بولڊ ٿي ويو، هن ٻاويهه رنسن جي اننگز کيڏي.

حارث سهيل به رڳو اٺ رنسون ٺاهي آندري رسل جي بال تي وڪيٽن پٺيان ڪيچ آئوٽ ٿيو. پاڪستان 10 اوورن مڪمل ٿيڻ تي ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 45 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.

پاڪستاني ٽيم ۾ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکندڙ بابراعظم وڪيٽن کان ٻاهر ويندڙ بال کي کيڏڻ جي ڪوشش ۾ وڪيٽن پٺيان ڪيچ ٿي ويو، هن 33 بالن تي 22 رنسن جي اننگز کيڏي.

 75 رنسن جي مجموعي اسڪور تي پاڪستاني ٽيم جو ڪپتان سرفراز احمد به ڌوکو ڏئي ويو، هو به اٺ رنسون ٺاهي وڪيٽن پٺيان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.

عماد وسيم به هڪ رنسن ٺاهڻ کان پوءِ  سلپ ۾ ڪرس گيل کي ڪيچ ڏئي پويلين روانو ٿيو. شاداب خان کاتو کولڻ بنا ٿامس جو شڪار بڻيو.

81 رنسن جي گڏيل اسڪور تي حسن علي به وڏي شاٽ کيڏڻ جي ڪوشش ۾ آئوٽ ٿيو،  هن هڪ رنس اسڪور ڪئي.

سينيئر آل رائونڊ محمد حفيظ به 16 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. پاڪستان جو آخري آئوٽ ٿيندڙ رانديگر وهاب رياض هو جنهن 11 بالن تي 18 رنسن جي اننگز کيڏي.

ويسٽ انڊيز طرفان اوشين ٿامس 4، جيسن هولڊ 3 ۽ آندر رسل ٻه شڪار ڪيا.

106 رنسن جي آسان هدف جو پيڇو ڪندي ڪرس گيل جارحاڻو انداز اختيار ڪري رکيو هو 3 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان ففٽي پوري ڪرڻ کانپوءِ آئوٽ ٿيو.

شائي هوپ 11 ۽ ڊيرن براوو بنا ڪا رنس ٺاهڻ جي پويلين واپس موٽيو، قومي ٽيم طرفان 3 ئي وڪيٽون محمد عامر حاصل ڪيون.

ٽاس کٽي ويسٽ انڊيز ڪپتان جو چوڻ هو ته کيس نٿو لڳي ته سڄو ڏينهن وڪيٽ جي صورتحال تبديل ٿيندي پر هو شروعات ۾ وڪيٽون حاصل ڪرڻ ميچ تي پڪڙ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.

ناٽنگهم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان سرفراز احمد جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان به ٽاس کٽيون ها پهريان بالنگ ئي ڪيون ها.

سرفراز احمد جو چوڻ هو ته وهاب رياض ۽ محمد عامر ٽيم لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا جڏهن ته اڄوڪي ميچ ۾ آصف علي ٽيم جو حصو ناهي.

ميچ ۾ زبردست ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ٿامس کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

ميچ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ فخر زمان، امام الحق، بابر اعظم، حارث سهيل، محمد حفيظ، سرفراز احمد ( ڪپتان/ وڪيٽ ڪيپر) ، عماد وسيم، شاداب خان، حسن علي، وهاب رياض ۽ محمد عامر شامل ڪيو ويو هو.

عالمي ڪپ ۾ پنهنجي پهرين ميچ کيڏندڙ ويسٽ انڊين ٽيم، ڪرس گيل، شاءِ هوپ ( وڪيٽ ڪيپر) ، ڊرين براوو، شيمرون هيٽميئر، نيڪولس پورن، آندري رسل، جيسن هولڊر ( ڪپتان ) ڪارلوس برائٿويٽ، ايشلي نرس، شيلڊن ڪوٽرل ۽ اوشين ٿامس تي ٻڌل هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.