ايڇ آءِ وي/ ايڊز، علاج ۽ احتياط

حسن پٺاڻ

حصو پهريون

لاڙڪاڻو ضلعو ايڇ آءِ وي جي مرض جي حوالي سان خبرن ۾ آهي، ڪالهه به رتيديري تعلقي اسپتال ۾ قائم ڪئمپ تي 4 سئو 59 ماڻهن جي بلڊ اسڪريننگ ڪئي وئي، جنهن مان 10 ڪيس پازيٽو آيا آهن. رتيديري تعلقي ۾ مجموعي طور 20880 ماڻهن جي بلڊ اسڪريننگ ڪئي وئي آهي، جنهن مان هن وقت تائين ايڇ آءِ وي جا 6 سئو 17 ڪيس پازيٽو آيا آهن، جن ۾ 5 سئو 3 ٻار ۽ 1 سئو 14 وڏا شامل آهن.

اهڙي طرح لاڙڪاڻي چانڊڪا ٻارن واري اسپتال ۾ قائم ڪيل سينٽر تي 100 کان وڌيڪ ايڇ آءِ وي پازيٽو ٻارن کي آندو ويو آهي. ايڇ آءِ وي / ايڊز بابت بيماري، علاج ۽ احتياط لاءِ عوام کي آگاهي ڏينداسين ته ايڇ آءِ وي اسان وٽ هن وقت وبا جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، هن موذي مرض جي حوالي سان بين القوامي ادارا يونيسيڪو، يواين ايڊز، اردو سائنس بورڊ، وزارت نيشنل هيريٽيج، نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام، صوبائي ايڊز ڪنٽرول پروگرام، ايڇ آءِ وي / ايڊز علاج لاءِ سينٽر ۽ عوام ۾ هن موذي مرض کان  بچاءُ لاءِ احتياط جي حوالي سان آگاهي ڏيڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن.

 انهن ادارن هن موذي مرض جي حوالي سان جيڪا ڄاڻ مهيا ڪئي آهي، سان پاڻ عوام کي  سولي ۽ آسان ڪري اوهان اڳيان رکجي ٿي، ته جئين ان موذي مرض جي سڌ، علاج ۽ احتياط سان معاشري کي ان وبا مان بچائڻ جون تدبيرون ڪري سگهجن.

ايڊز تي تحقيق ڪندڙن ماهرن موجب ان مرض جي شروعات آفريڪا کان ٿي، جنهن کان پوءِ دنيا جي ٻين ملڪن تائين اهيو مرض پهتو، صحت جي آمريڪي اداري “سي ڊي سي” سڀ کان پهريان ان موذي وائرس باري ۾ ڄاڻ ڏني، 1981 ع ۾ 5 آمريڪي نوجوان هڪ عجيب و غريب بيماري ۾ مبتلا ٿيا جنهن جو ڊاڪٽرن مشاهدو ڪيو ته ان مريضن ۾ رت ۾ موجود دفاعي خليون جيڪو هڪ خاص قسم  Lymphocytes  جو تعداد گهٽجي ويو هو، آخرڪار سائنسدانن ان کي ڳولهي لڌو ته مريضن ۾ هڪ خاص قسم جو وائرس حملي آور ٿيو جيڪو جسم ۾ موجود بيمارين کان بچاءُ وارين خلين  Lymphocytes  ختم پيو ڪري ۽ انهن ان وائرس کي Human Immunodeficiency Virus: HIV انساني قوت مدافعيت کي ڪمزور ڪرڻ وارو وائرس جو نالو ڏنو،

پاڪستان ۾ ان وائرس جو پهريون مريض 1986ع ۾ ڪراچي ۾ هڪ آفريڪي ملڪ جي شهري ۾ ظاهر ٿيو، جڏهن ته 1987ع ۾ڪنهن پاڪستاني شهري ۾ ايڇ آءِ وي وائرس رپورٽ ٿيو،  اهو مريض به ڪنهن ٻاهرين ملڪ مان وطن واپس آيوهو. گڏيل قومن جي ايڊز جي بچاءُ واري اداري پاڪستان ۾ ايڊز جي مريضن جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ جو انڪشاف ڪيو آهي.

ايڇ  آءِ وي

ايڇ آءِ وي Human Immunodeficiency Virus: HIV جو وائرس انساني جسم ۾ مدافيت جي نظام تي حملو ڪري ايڊز جي بيماري جو سبب بڻجي ٿو، ايڇ آءِ وي وائرس رت جي اڇن جزن کي تباهه ڪرڻ شروع ڪندو آهي، ۽ اهو وائرس جسم ۾ پنهنجو اثر تڪڙو ناهي ڏيکاريندو پر آهستي آهستي پنهنجو ڪم شروع ڪندو آهي، ڪجھ عرصي کان پوءِ ايڊز جي صورت ۾ انساني جسم ۾ بيمارين سان وڙهندڙ طاقت کي ختم ڪندو آهي.

ايڇ آءِ وي جي متاثر مريض کي ڪينسر سميت ٻين بيمارين جي وچڙڻ جو انديشو به هوندو آهي. ايڇ آءِ وي انساني جسم کي بيمار ڪرڻ وارن ٻين وائرسن جي مقابلي ۾ مختلف ۽خطرناڪ آهي، هي انسانن جي انهن خلين تي حملو ڪندو آهي، جيڪي جسم جو دفاع ڪنديون آهن،

ايڇ آءِ وي وائرس رت جي هڪ خاص خلين تي حملي آور ٿيندو آهي، جنهن کي سي  ڊي فور چيو ويندو آهي، اهي مختلف دفاعي خليون جيڪي جراثمين سان وڙهڻ ۽ انهن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون آهن، ايڇ آءِ وي جڏهن سي ڊي فور خلين ۾داخل ٿي ويندو آهي ته ان کي متاثرڪندو آهي، وائرس مريض کي ان حد تائين متاثر ڪندو آهي جو سي ڊي فور خلين ۾ شامل ٿي ايڇ آءِ وي وائرس کي وڌيڪ طاقتور بڻائڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

وائرس جي اهڙي عمل جاري رهڻ سان اهي خليون ٽٽي وينديون آهن يا ختم ٿي وينديون آهن، جسم جو دفاعي نظام ان صورتحال کان بچڻ لاءِ Lymphocytes ٺاهيندو آهي ته جنهن وائرس کان بچي سگهجي. پر وائرس وڌندو ئي ويندو آهي  ۽ اهڙي طرح خاموشي سان جسم ۾ ايڇ آءِ وي وائرس وڌندو ويندو آهي، جيڪو ايڊز جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. ڪن فردن ۾ ايڇ آءِ وي جي موجودگي جون علامتون ڪيترئي عرصي تائين ظاهر نه ٿينديون آهن.

ايڊز

Acquired Immunodeficiency Syndrome AIDS

ايڇ آءِ وي جسم ۾ داخل ٿي پلجي جسم ۾ ڦهلجي ويندو آهي، جيڪو خاص طور تي جسم ۾رت جي اڇن جزن ۾ رهندو آهي،  جئين جئين وائرس جسم ۾ پنهنجو تعداد وڌائيندو ويندو آهي ته  رت جا اڇا جزا ۽ جسم ۾ موجود ٻين بيمارين سان وڙهڻ واري طاقت ختم ڪري ڇڏيندو آهي. اهڙي طرح دفاعي نظام تباهه ٿيڻ کان پوءِ مختلف بيمارين جا آثار ظاهر ٿيڻ شروع ٿيندا آهن ان مرحلي کي ايڊز چيو ويندو آهي. ايڇ آءِ وي جي متاثر مريض کي ايڊز جي مريض ٿيڻ تائين 5 کان 15 سال لڳي سگهن ٿا. ايڊز ورتل مريض 6 مهينن کان 2 سالن تائين موت جي منهن ۾ هليو ويندو آهي.

ايڇ آءِ وي / ايڊز جون علامتون

ايڇ آءِ وي وائرس واري مريض کي هيٺيون علامتون ظاهر ٿينديون آهن:

زڪام، غدودن ۾ سوڄ، لاڳيتو بخار رهڻ، دست ۽ پيچس ٿيڻ، وات ۽ نڙي جو پچي پوڻ/ داڻا نڪرڻ، جسم ۾ غدود جون ڳوڙهيون ٿيڻ، سَنڌَنِ ۾ سور، وزن جو گهٽجڻ، جسماني ڪمزوري محسوس ڪرڻ، پگهر سان گڏ ڏڪڻي وٺڻ (خاص طور تي رات جو) کنگهه جو مستقل رهڻ، جسم جي کل ڦاٽڻ، جسم جي مختلف حصن ۾ سور رهڻ، ٿڪاوٽ، بيچيني، ساهه جي تڪليف، يادگيري جو ڪمزور ٿي وڃڻ/ ويسر ٿيڻ، اکين جي روشني گهٽجڻ، ايڇ آءِ وي جي متاثر مريض کي خطرناڪ قسم جي ڪينسر جو خطرو پيدا ٿي ويندو آهي، خاص طور تيKapasis Sarcoma (KS)   جيڪو خطرناڪ آهي، ۽ اهو کل جي اندران اڀرندو آهي.

ايڇ آءِ وي  /ايڊز تشخيص

ايڇ آءِ وي وائرس رت ۾، ٻار پيدا ڪندڙ جراثيم ۾ ، ماءُ جي کير ۾( ٿڃ ۾)  ٿڪ ۾ ۽ ڳوڙهن ۾ موجود هجڻ ٿي سگهي ٿو. هن جي تشخيص صرف رت جي خاص ٽيسٽ ذريعي ئي ٿي سگهي ٿي، جنهن سان ان بيماري جي خبر پئجي سگهندي آهي.

جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جي رت ۾ وائرس موجود هوندو ته ان کي ايڇ آءِ وي پازيٽو چيو ويندو آهي، اگر ڪنهن ماڻهو کي هڪ ڀيرو ايڇ آءِ وي وائرس منتقل ٿي وڃي ته عام طور تي 6 کان 12 هفتن تائين ان ٽيسٽ ذريعي ان جا آثار ظاهر ناهن ٿيندا، ان جي چڪاس/ ٽيسٽ ڪنهن ايڇ آءِ وي يا ايڊز سينٽر تي ئي ٿيندي آهي.

 ايڇ آءِ وي ايڊز ڪنٽرول سينٽر  جتي ٽيسٽ کان پهريان ۽ پوءِ مريضن جي  ڪائونسلنگ به ڪئي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ٿورو به شڪ يا علامتون ظاهر ٿين ته ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي، اگر ڪنهن مٽ مائٽ يار دوست ۾ مرض جون اهڙيون علامتون ظاهر ٿين ته انهن کي به ٽيسٽ ڪرائڻ جو مشورون ڏيڻ گهرجي. رت جي ان ٽيسٽ ۾ “اينٽي باڊيز ”  موجود هجڻ سان ئي تشخيص ۾ ظاهر ٿيندو آهي ته ان ماڻهو کي ايڇ آءِ وي آهي يا نه، جڏهن ته اڪثر اينٽي باڊيز جسم ۾ داخل ٿيڻ جي تقريبن 2 مهينن کان پوءِ ئي ظاهر ٿيندو آهي.

(هلندڙ حصو ٻيو 2019-05-27 تاريخ تي شايع ڪيو ويندو)

Leave A Reply

Your email address will not be published.