رپورٽ: شهدادپور: پاڻي جي کوٽ سبب سوين ايڪڙن جا مالڪ آبادگار مزدوري ڪرڻ تي مجبور، احتجاج

[zoomsounds_player artistname=”عوامي آواز رپورٽ” songname=”رپورٽ: شهدادپور: پاڻي جي کوٽ سبب سوين ايڪڙن جا مالڪ آبادگار مزدوري ڪرڻ تي مجبور، احتجاج” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/Reports/20190525Shadadpur Pkg-05.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]

 

شهدادپور  ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ سبب سوين ايڪڙن جا مالڪ آبادگار مزدوري ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سنڌ ۾ آبپاشي کاتي پاران ڪرپش ۽ پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ ننڍن آبادگارن کي بربادي جي ڪنڌي تي آڻي بيهاري ڇڏيو آهي.

شهدادپور جي يوسي اصغرآباد ۾ وهندڙ شاهپور چاڪر ڊسٽري بيوٽر  (سدا واه) جي پڇڙي جي آسري بنجر ۽ غير آباد چار هزار ايڪڙ زرعي زمين جي ننڍن آبادگارن  پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو.

سوڪهڙي جي شڪار آبادگارن ۽ هارين عوامي آواز ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي چيو تھ  گزريل ٽيهن سالن کان سندن زمينجو پاني بند ڪيو ويو آهي.

هنن چيو تھ  سوين ايڪڙ زمينن جو مالڪ هجڻ باوجود هو شهر ۾ پورهيو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

متاثر آبادگارن  ٻڌايو تھ  اهڙي صورتحال پيدا ڪري  سندن زرعي زمينون ڀڳڙن مٺ تي خريد ڪيون پيون وڃن.

احتجاج ۾ شريڪ محبوب لاشاري، راڻو خان جسڪاڻي، غلام قمبر لاشاري، محمد اشرف باگراڻي، علي نواز لاشاري، ڇٽي خان جسڪاڻي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ کين پنهنجي حصي جو پاڻي ڏئي معاشي قتلعام بند ڪيو وڃي

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.