هاڻ ووٽ کي عزت ڏيو پلس هوندو…..!

لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ۽ مسلم ليگ ن جي تاحيات  سربراهه نواز شريف جو چوڻ هو ته هاڻ ووٽ کي عزت ڏيو پلس هوندو، پارٽي ۾ هاڻ هڪ ئي نظريو هوندو ۽ اُهو آهي ووٽ کي عزت ڏيو.

اڳوڻي وزير اعظم محمد نواز شريف سان پارٽي جي سينيئر اڳواڻن ڪوٽ لکپت جيل ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سندس ڌيءَ مريم نواز، اڳوڻو وزير اعظم شاهد خاقان عباسي، اڳوڻو وفاقي وزير خواجا آصف، سينيٽر مشاهد الله خان، کيئل داس ڪوهستاني، خرم دستگير، مخدوم جاويد هاشمي به شامل هئا.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ملاقات دوران نواز شريف کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي افطار پارٽي جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو.

ان موقعي تي نواز شريف پارٽي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ معيشت جي خراب صورتحال تي سندس پارٽي عوام جي آواز سان گڏ آواز بڻي.

نواز شريف جو چوڻ هو ته سليڪٽڊ وزير اعظم قوم کي ڪوڙا خواب ڏيکاريا پر معيشت جي بحالي جي لاءِ هن وٽ ڪا به ايجنڊا ناهي جڏهن ته مسلم ليگ ن جي دور ۾ دهشتگردي جو خاتمو ٿيو ۽ لوڊ شيڊنگ ختم ڪئي وئي.

هن وڌيڪ چيو ته اسان جي حڪومت سي پيڪ جي منصوبي جو آغاز ڪيو ۽ ملڪي معيشت کي پيرن تي بيهاريو جڏهن ته ماڻهو اڄ اسان جي ۽ پي ٽي آءِ حڪومت جي ڪارڪردگي جو تقابلي جائزو وٺي رهيا آهيون.

اڳوڻي وزير اعظم جو چوڻ هوج ته اسان جي حڪومت جي ڪارڪردگي پي ٽي آءِ جي حڪومت کان بهتر آهي.

هن پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڏني ته احتجاجي تحريڪ کان پهرين هڪ مهيني دوران مرڪز ۽ صوبهن ۾ تنظيم سازي مڪمل ڪئي وڃي ۽ ڪنهن به ورڪر کي عهدو ڏيندي وقت ڪنهن جي سفارش نه مڃي وڃي ۽ ميرٽ تي متحرڪ ماڻهن کي اڳتي آندو وڃي.

مسلم ليگ ن جي تاحيات قائد هدايت ڪئي ته پارٽي کي پنجاب جي سطح تي تنظِم سازي جي لاءِ راڻا ثناءُ الله پنهنجو ٽاسڪ جلد مڪمل ڪري.

هن پارٽي اڳواڻن کان سوال ڪيو ته ڇا ڪنهن کي خبر آهي ته مون کي جيل ۾ ڇو رکيو ويو آهي؟ جڏهن مون ڪا ڪرپشن ناهي ڪئي ته ڪير ٻڌائي ڪهڙي ڪيس ۾ جيل ۾ آهيان؟

نواز شريف دعويٰ ڪئي ته هڪ ڀيرو پنجاب جي وڏي وزير ۽ 3 ڀيرا وزير اعظم رهيو آهيان، ڪنهن قسم جي بدعنواني ناهي ڪئي، ڪيترائي الزام لڳا پر اڄ تائين هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت ناهي ٿي سگهي.

سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ به آمرن ڪيترائي ڪيس بڻايا پر  سڀ ڪوڙ ثابت ٿيو، جيڪي ڏکئي وقت ۾ پارٽي کي ڇڏي هليا ويا انهن جي پارٽي ۾ ڪا به جاءِ ناهي جڏهن ته جيڪي مون سان گڏ بيٺا رهيا مستقبل انهن جو ئي آهي، جيڪي ڇڏي ويا هاڻ اُهي اسان جي قافلي ۾ شامل نٿا ٿي سگهن.

هن وڌيڪ چيو ته گهر گهر پاڪستان مسلم ليگ ن جو نظريو پهچايو ته نواز شريف پوئتي هٽڻ وارو ناهي.

نواز شريف سان ملاقات کان پوءِميڊيا سان ڳالهائي ڪيئل داس ڪوهستاني ٻڌايو ته پنهنجي قائد محمد نواز شريف سان سندس صحت بابت پڇاڻو ڪيو، سندس حوصلا بلند آهن ۽ هو ڊڄڻ وارو ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.