بجيٽ ۾ پيڪيج نه ڏنو ويو ته احتجاج ڪنداسين: سنڌ آبادگار اتحاد

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي آبادگارن وفاقي حڪومت پاران بجيٽ ۾ پيڪيج جو اعلان نه ڪرڻ جي صورت ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اقتدار ۾ اچڻ بعد ملڪ جي زرعي شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آبادگارن کي سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن اعلان کي اڄ تائين عملي جامو نه پارايو ويو آهي ۽ اعلان فقط اعلان ئي رهيو آهي، جڏهن ته پنجاب حڪومت پنهنجي صوبي ۾ آبادگارن کي سبسڊي ڏني پر سنڌ ۾ ڪا به سبسڊي نه ڏني وئي آهي، يوريا ڀاڻ جي جيڪا ٻوري گذريل سال 1360 روپين ۾ ملندي هئي، اها ٻوري هن سال 18 سو روپين جي ٿي وئي آهي، بيلارس ٽريڪٽر جيڪو 17 لک رپين ۾ ملندو هو، اهو 21 لکن ۾ نٿو ملي، بجيٽ کان پوءِ وڌيڪ صورتحال خراب ٿيندي، ڪپهه جي ايڪسپورٽ ۾ اسان جو ملڪ 2014 ۾ 4 نمبر تي هو، جيڪو وفاقي حڪومت جي ناهلي سبب 2010 کان پوءِ 5 نمبر تي اچي ويو آهي. هن چيوته حڪومت جي ناقص پاليسين سبب آبادگار جو ڏيوالو نڪري ويو آهي، سنڌ ۾ ڪڻڪ جي خريداري جا مرڪز نه کولڻ ڪري آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهتو آهي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود 1999 کان ڪمند جي ڪوالٽي پريميم جي مد ۾ رهيل ڪروڙين روپيا نه ملي سگهيا آهن. هن چيوته گذريل وڏي عرصي کان هٿ وٺي زرعي شعبي ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي، ملڪ جي ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکندڙ رزعي شعبي کي تباهه ڪيو ويو آهي، اڄ به پڇڙي جا آبادگار پاڻي لاءِ پريشان آهن، پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي چورايو پيو وڃي. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي جي فراهمي لاءِ رينجرز کي مقرر ڪيو وڃي. 17

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.