شاگردياڻي کي آپگهات تي مجبور ڪندڙ بليڪ ميلر قانون جي پڪڙ ۾ نه آيا، علائقو سوڳ ۾ ٻڏل

بدين /ٽنڊو غلام علي (رازق ڏنو کوسو + نور حسن لاشاري ) ٽنڊي غلام علي  ۾ بليڪ ميلرن کان تنگ ٿي ناري پاران آپگهات ڪرڻ کانپوءِ ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪئي آهي، پر جوابدار اڃان تائين آزادآهن، ناري انيلا پاران آپگهات ڪرڻ جون  خبرون ميڊيا ۾ اچڻ کانپوءِ ايڊيشنل آءِ جي حيدراباد غلام سرور جمالي  نوٽيس وٺندي ايس ايس پي بدين حسن سردار نيازي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ايس ايس پي آفيس پاران ٻڌايو ويو آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ  ٽيم جوڙي وئي آهي. هوڏانهن ناري جي پيءُ ڊاڪٽر لکمڻ پرمار صحافين کي ٻڌايو ته منھنجي ڌيءَ بليڪ ميلرن سوم, اشوڪ ۽ مھيش ميگھواڙ جي خوف کان ڪاليج وڃڻ ڇڏي ڏنو جنھن کانپوءِ منھنجي پڇاڻي تي ٻڌايائين ته کٿڙ جي رھندڙ سوم فيس بڪ تان منھنجون تصويرون کڻي اُن کي ايڊيٽنگ ڪري فحش حرڪتون ڏيکاري مون کي بليڪ ميل ڪري رھيو آھي ۽ انھي جا ساٿي اشوڪ ۽ مھيش پڻ مون کي فون ڪري ھراسان ڪن ٿا ۽ مون سان اڪيلائي ۾ ملڻ لاءِ ڌمڪيون ڏين ٿا جنھن تي مون بليڪ ميلرن جا فون نمبر کڻي ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين حسن سردار نيازي سان ملاقات ڪري معاملي کان آگاھ ڪيو جن ٽنڊوغلام علي جي ايس ايڇ او رياض رند کي جوابدارن خلاف قدم کڻڻ لاءِ حڪم ڏنو پر جوابدار گرفتار نه ڪرڻ تي آئون مايوسي جو شڪار ٿيس جنھن بعد منھنجي ڌيءَ انيلا ڇيو ته بابا تون ھيڏو وڏو ڊاڪٽر آھين تنھنجي ايتري عزت آھي پوءِ به جوابدار گرفتار نٿا ٿين جنھن کانپوءِ آئون جئين ئي اسپتال تان ڊيوٽي ڪري واپس گھر آيس ته منھنجي ڌيءَ زھريلي دوا پي ڇڏي جنھن کي بچائڻ لاءِ آئون حيدرآباد سول اسپتال کانپوءِ آغا خان ڪراچي کڻي ويس پر ڌيءَ بچي نه سگھي ۽ فوت ٿي وئي جنھنجو ماتلي جي اسپتال مان لاش پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش کڻي مسڻ ۾ دفنائي آيو آھيان، ھن روئيدي چيو ته آئون مري ويندس پر جوابدارن کي بخش نه ڪندس, مقتول ناري جي وڏي ڀيڻ سنگيتا ٻڌايو ته منھنجي خاندان سان ھيڏو وڏو سانحو پيش آيو آھي پر سنڌ حڪومت ۾ ويٺل اقليتي ايم پي اي ۽ ايم اين اي ۽ نه وري ڪو وزير اسانجي مدد لاءِ پھتو آھي ۽ نه وري عذر خواھي تي ڪو پھتو آھي، ھوڏانھن ناري جي ماءُ شريمتي تيزي اوڇنگارون ڏئي روئيندي بلاول ڀٽو ۽ وزير اعليٰ مراد علي شاھ کان انصاف جو مطالبو ڪيو آھي ھوڏانھن واقعي کانپوءِ  ايس ايس پي بدين ٽنڊوغلام علي ناري جي تڏي تي پھچي وارثن کي يقين ڏياريو ته 48  ڪلاڪن جي اندر جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو  ٿاڻي تي پھڇي ناري جي وارثن کي يقين ڏياريو ته جوابدار ن کي گرفتار ڪري سزا ڏياري پوءِ  سک جو ساهه کڻندس ته جئين اھي ظالم بليڪ ميلر وري ٻيھر ٻئي ڪنھن نياڻي کي بليڪ ميل نه ڪن، ٻئي طرف اھي افواهه ھلي رھيا آھن ته ھڪ جوابدار اشوڪ ميگھواڙ انڊيا فرار ٿي ويو، ناري انيلان کي بيلڪ ميل ڪندڙ ٽن ڄڻن مان اشوڪ ولد موهن ميگهواڙ جهڏو شهر جو رهواسي آهي، سندس خاندان 2013 ۾ جهڏو کان انڊيا لڏي ويو هو، معلوم ٿيو آهي تنهن وٽ انڊيا جي شهريت به حاصل آهي، اشوڪ ميگهواڙ مختلف وقتن تي جهڏو ايندو رهندو هو ۽ سندس ويجها مائٽ جهڏو جي ڳڙ منڊي وٽ رهائش پذير آهن ۽ اشوڪ ميگهواڙ جو گهر به ساڳي هنڌ مسواڙ تي ڏنل آهي، ان سلسلي ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته چار ڏينهن اڳ اشوڪ جي مڱڻي ٽنڊوالهيار شهر ۾ ٿي آهي ۽ سمورو خاندان هن وقت ٽنڊوالهيار شهر ۾ موجود آهي، ٻي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او جهڏو لاعلمي ظاهر ڪندي چيو ته اسان کي اڃان تائين مٿان کان ڪا به اهڙي هدايت نه ملي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.