آصف زرداري خلاف جعلي اڪائونٽس بابت ڪيسن جا تفصيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي احتساب بيورو اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس بابت نيب جون سموريون انڪوائريون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن.  ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب سردار مظفر عباسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس بابت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف نيب انڪوائريز ۽ جاچ جي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس بابت مجموعي طور تي 26 انڪوائريز ۽ جاچ جاري آهن.  نيب رپورٽ موجب جعلي بئنڪ اڪائونٽس بابت انڪوائري سپريم ڪورٽ جي حڪم تي شروع ڪئي وئي، پنج انڪوائريز ۽ ٽن جاچن ۾ آصف زرداري جو ڪردار سامهون اچي ويو آهي. نيب جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آصف زرداري جا رڳو هڪ ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن. عدالتي حڪم تي آصف زرداري جي وڪيلن کي به نيب جي رپورٽ جي اڳواٽ ڪاپي موڪلي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.