راولپنڊي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان کي احساس آهي ته ماڻهو مهانگائي جي ڪري مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، پر قرض لاهڻ لاءِ قوم کي مشڪل مان گذرڻو پوندو. راولپنڊي ۾ ”ٻار ۽ ماءُ“ اسپتال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جتي به ضرورت هوندي نئين اسپتال جوڙائي ويندي. هن چيو ته مون کي احساس آهي ته هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي آهي. بجلي مهانگي آهي، پر گيس ۽ بجلي ان لاءِ مهانگي ٿي آهي جو کاتا قرضي ٿي چڪا آهن. گذريل نظام ٺيڪ نه هو، ان لاءِ قرض چڙهي ويو. هن چيو ته اسان کي قرض لاهڻ لاءِ ٿورو مشڪل وقت گذارڻو پوندو، جيئن جيئن نظام ٺيڪ ٿيندو ويندو، خبر پوندي ته هي ملڪ ڪيتري وڏي نعمت آهي. وزيراعظم چيو ته نوجوانن کي قرض ڏيڻا آهن.
غريبن کي ڳئون، مينهون، ٻڪريون ۽ ڪڪڙيون ڏينداسين. شهري علائقن ۾ سستا گهر ڏينداسين. هن چيو ته اسان وٽ 2 رستا هئا، هڪ اهو ته قرض وڌڻ ڏيون، ٻيو قيمتون وڌايون. اسان قرض لاهڻ لاءِ نظام ٺيڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ قرض لهڻ تائين قوم کي مشڪل وقت برداشت ڪرڻو پوندو. هن چيو ته قومن تي خراب وقت ايندا رهندا آهن.0630