سعيد غني، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي نوٽيس، وڏي وزير کي حڪم، قائد اعظم جي مزار نه ڪيرائجو: سپريم ڪورٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ حددخلين جي خاتمي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران آپريشن نه ڪرڻ بابت بيان ڏيڻ تي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني ۽ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ شهر ۾ حددخلين جي خلاف آپريشن ۽ شهر کي اصل نقشي ۾ بحال ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل، بچاءَ واري سيڪريٽري، ڪراچي جي ميئر وسيم اختر، ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) افتخار قائمخاني، ايس ايس پي سهائي عزيز ۽ ايس بي سي اي، ڪي ايم سي، واٽر بورڊ سميت ٻين ادارن جا نمائندا سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيا.

خيال رهي ته سپريم ڪورٽ رهائشي علائقن مان ڪمرشل سرگرمين جو خاتمو  خاتمو ڪري شهر کي اصل ماسٽر پلان جي تحت بحالي جو حڪم ڏئي رکيو آهي، ان کان سواءِ سپريم ڪورٽ مارڪي ۽ ڪنوينشن هال سميت دفاعي مقصدن جي لاءِ مختص زمين تي ڪمرشل سرگرمين کان روڪي رکيو آهي.

ٻڌڻي دوران ڪراچي ۾ حددخلين ۽ ملٽري لينڊ تي ڪمرشمل سرگرمين جو معاملو سامهون آيو ته بچاءَ واري سيڪريٽري عدالتي حڪم تي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن کي عدالت عظميٰ رد ڪري ڇڏيو.

جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته اِها رپورٽ غير اطمينان بخش ۽ اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي برابر آهي، جنهن تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته رڳو هڪ نقطي تي عمل ناهي ڪيو.

جسٽس گلزار ريمارڪس ڏنا ته مون کي بچاءَ وارو سيڪريٽري ٻڌائي، آرڊر تي عمل ڇو ناهي ڪيو ويو.

بعد ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ حددخلين جي خاتمي بابت معاملو غور هيٺ آيو ان موقعي تي حددخلين جي خلاف آپريشن بابت بيان ڏيڻ تي سپريم ڪورٽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني ۽ ڪراچي جي ميئر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

جسٽس گلزار امد ريمارڪس ڏنا ته ڪاٿي آهي اُهو مڪاني ادارن وارو وزير ۽ ڪراچي جو ميئر جيڪي چوندا ٿا ته ڦرن ته اسان هڪ عمارت به نه ڪيرائيداسين، ڇا هنن کي عدالت سان جنگ وڙهڻي آهي؟

عدالت ريمارڪس ڏنا ته اسان پهرين سڀني کي ٻڌي وٺون ٿا پوءِ ٿا ڏسون ته انهن کي ڪيڏانهن موڪلڻو آهي، سڄي شهر ۾ لينڊ مافيا پروان پئي چڙهي ۽ هي اهڙيون ڳالهيون پيا ڪن.

جسٽس گزار احمد مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني جي تقرير جو نوٽيس وٺندي کيس توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

بعد ۾ عدالت ڪنٽونمنٽ بورڊ ۽ ٻين جي نظرثاني درخواستون رد ڪري ڇڏيون ۽ حڪم ڏنو ته عدالتي حڪمن تي عمل ڪيو وڃي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڳالهه هڪ نقطي تي عملدرآمد جي ناهي، سڄي آرڊر تي ئي عمل ناهي ٿيو، بچاءُ وارو کاتو سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ناهي ڪري رهيو، ڇا سپريم ڪورٽ کي بند ڪري ڇڏيون؟

جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جو ڪهڙو ڪم آهي، بند ڪيو وڃي؟

عدالت اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان چئو ٿا ته عدالتي حڪمن تي عمل ڪيو ويو آهي، هي جيڪو هيڏو وڏو پي اي ايف ۾ شادي هال هلي رهيو آهي، ڪنهن کي نظر ڇو نه پيو اچي؟

جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته پهرين توهان ماڻهو عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪيو، عام ماڻهو پڇي ٿو ته اسان وٽان حددخليون هٽائڻ کان اڳ ڪنٽونمنٽ وٽان هٽايون وڃن.

هن وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته حڪومت چاهي ته 5 منٽن ۾ سڀ بلڊوزر اچي ويندا.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڇا فوج کي اختيار آهن ته هو سرڪاري زمين الاٽ ڪري، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته ان جو فوج کي ڪو به فائدو ناهي ٿي رهيو، اسنا کي خبر ناهي، نه ئي ان جو حساب ڪتاب آهي.

عدالت بچاءَ واري سيڪريٽري کي عدالتي حڪم تي عملدرآمد جو هڪ ڀيرو ٻيهر حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس گلزار ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي شهر ۾ سڀ پارڪن ۽ راندين جي ميدانن تي قبضا ڪري شهيدن جي نالي ڪيا ويا آهن، اسان شهيدن ۾ نمبر ون آهيون ڪهڙي خبر آئون به شهيد ٿي وڃان يا مارجي وڃان.

اٽارني جنرل چيو ته شهيدن جو رتبو وڏو آهي ان جي لاءِ وڏيون شرطون آهن، جنهن تي جسٽس گلزار هن کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان جو مطلب اِهو آهي ته آئون شهيد نه بڻجي سگهندس.؟ اسان ته پيدا ئي شهيد ٿيڻ لاءِ ٿيا آهيون.

عدالت اٽارني جنرل کي مخاطب ڪندي چيو ته هي رپورٽ توهان لالي پاپ بڻائي ڏئي رهيا آهيو، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته نه هي لالي پاپ ناهي عملدرآمد رپورٽ آهي.

جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي ۾ سرڪاري زمين ملٽري لينڊ خانگي پارٽي کي ڏئي ڇڏي، توهان کي زمين جي ضرورت ناهي ته وفاقي کي واپس ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي رشيد اي رضوي ايڊووڪيٽ چيو ته تاريخ ۾ ائين ناهي ٿيو، جنهن تي جسٽس گلزار ريمارڪس ڏنا ته اسان اڄ تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي، هي 9 ايڪڙ سرڪاري زمين ملٽري لينڊ پرائيويٽ پارٽي کي ڇو ۽ ڪنهن ڏني، ان تي صحيح ڪنهن جي ٿيل آهي؟

اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ريٽائرڊ ڪرنل جي صحيح آهي، ريٽائرڊ فوجين جي منصوبي لاءِ ٻيهر ملازمت تي رکي سگهجي ٿو.

جنهن گلزار احمد ڊي جي ايس بي سي اي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هن کان پڇاڻو ڪيو ته توهان عدالت کان جيل ويندا؟

عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان حڪم ڏنو هو ته ڪراچي مان غير قانوين حدخليون ختم ڪرايو ان جو ڪهڙي مطلب ٿيو؟ ڪارروائي ڪيستائين پهتي؟ باربي ڪيو ٽو نائٽ جي سامهون بڻيل 2 غير قانوين عمارتن جو ڇا ٿيو؟

ڊي جي ايس بي سي اي عدالت کي ٻڌايو ته ان بلڊنگ جي خلاف نيب جي انڪوائري هلي رهي آهي، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڇا نيب؟ ڪير نيب؟ ڇا نيب سپريم ڪورٽ مان مٿي آهي؟

عدالت حڪم ڏنو ته غير قانوني حددخلينکي ختم ڪيو هي سپريم ڪورٽ حڪم آهي ۽ ان تي عمل ڪيو.

جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته پنجاب ڪالوني ۽ دهلي ڪالوني ۾ 8-8 منزل عمارتون بڻايون وينديون آهن پر اُتي نه پاڻي هوندو آهي نه ئي لفٽ، زينب مارڪيٽ سميت سڄي صدر ۾ غير قانوني  پارڪنگ بڻيل آهي، جنهن تي دي جي ايس بي سي اي ٻڌايو ته صدر ۾ هاڻ ڪارروائي ڪئي آهي.

جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي، آئون روز صدر ويندو آهيان ڏسندو آهيان ته صدر ۾ غير قانوني پارڪنگ موجود آهي، توهان ڪڏهن ڪارروائي ڪندا؟ ڪڏهن ننڊ مان اٿندا؟

سپريم ڪورٽ ايس بي سي اي کي سڄي شهر ۾ غير قانوني حددخلين جي فوري خاتمي جي هدايت ڪري ڇڏي.

جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته اسان 22 جنوري تي آرڊر پاس ڪيو هو، عملدرآمد جي لاءِ وڌيڪ مهلت ڇو ڏني وڃي؟

اٽارني جنرل عدالت ٻڌايو ته عملدرآم جي لاءِ اسان کي ڏسڻو پوندو ان جي لاءِ وقت گهربل آهي، جنهن تي جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته توهان چپ رهو ۽ بچاءَ واري سيڪريٽري کي منهن ڏيڻ ڏيو.

عدالت بچاءَ واري سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته توهان کي ڇو عدالتي حڪم تي عملدرآمد جي لاءِ وقت گهرجي، جنهن تي بچاءَ واري سيڪريٽري ريٽائرڊ جنرل اڪرام عدالت کي ٻڌايو ته گذريل آرڊر جا رڳو 2 نقطا آهن جنهن تي عملدرآمد ناهي ٿيو.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته توهان کي ڪا به خبر ناهي ڇو ته توهان اسلام آباد ۾ هوندا آهيو، توهان کي ڪهڙي خبر ڇو ته توهان ”ڪمفرٽ زون“ ۾ رهندا آهن جڏهن ته هتي سڄي رياست جي زمين پرائيويٽ ماڻهن وٽ آهي.

ارشد طيب علي ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته 2 تلوار جي ڀرسان ڪمرشل مال بڻايو پيو وڃي، جنهن تي جسٽس گلزار امد ريمارڪس ڏنا ته هي ڪاٿي آهي، وڪيل ٻڌايو ته اِها ايراضي اوشين مال جي ڀرسان آهي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته هي اوشين مال به غلط بڻيل آهي، اوشين مال کان پهرين رهائشي علائقن کي ڪيرائي اسپتال بڻائي وئي ۽ بعد ۾ اسپتال کان پوءِ اوشين مال بڻايو ويو.

جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي جي 70 سيڪڙو ايراضي تي غير قانوين اڏاوتون آهن، ان ڪيس کي اسان سڀاڻي ڏسنداسين.

جنهن تي عدالت بعد عدالت حددخلين جي خاتمي واري درخواستن تي ٻڌڻي ايندڙ سيشن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

بعد ۾ سپريم ڪورٽ يونيورسٽي روڊ جي کوٽائي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته هتي هڪ سال پهرين ڪارپٽنگ ٿي هئي، ٻيهر کوٽائي ڪئي وئي، توهان ماڻهن سان مسئلو ڪهڙو آهي؟ روڊ ٽوڙڻ سان لکين شهري متاثر ٿي رهيا آهن.

ان موقعي تي ميونسپ سروسز جي وڪيل ٻڌايو ته ڪراچي اليڪٽرڪ (ڪي اي) طرفان زمين هيٺ تارون وڇايو پيون وڃن، جنهن تي جسٽس گلزار ريمارڪس ڏنا ته پهرين ڪي اليڪٽرڪ کي ڇو خيال نه آيو.

جسٽس گلزار احمد پڇاڻو ڪيو ته اله دين پارڪ ڀرسان پلازه ڪنهن جي آهي ۽ ڪنهن جي زمين تي بڻجي رهي آهي؟ ڪيتريون ئي پلازائون بڻجي رهيون آهن ۽ بڻجنديون پيون وڃن، اله دين پارڪ جو ڪمرشل استعمال ڪيو پيو وڃي، انهن وٽان گزرو ته ڪرهيت ايندي آهي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڊرائيو ان سينما ختم ڪيو ويو توهان ناهي روڪيو، ان جاءِ تي ايتري وڏي پلازا بڻجي وئي هاڻ ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، ميئر اڳتي اچي.

ڪراچي جي ميئر وسيم اختر عدالت کي ٻڌايو ته جوهر ۾ مال ۾ باهه لڳي ۽ رهائشي علائقو هئڻ سبب ڏکيائيون ٿيون، مون کي به اهڙين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.

جنهن تي جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته ان لاءِ توهان پنهنجو سياسي جنازو ڪڍيو، ملير روڊ کي توهان ڇا بڻائي ڇڏيو آهي، ان جو ڇا ڪيو ويو؟ توهان سڄي شهر کي وڪڻي ڇڏيو آهي توهان کي ڪيترا پيسا کپن؟

عدالت وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته دبئي ۽ لنڊن ۾ پراپرٽي بڻائي، نه اُتي رهي ٿا سگهون، نه کائي ٿا سگهو، نه اُتان جو موسم هتي آڻي ٿا سگهو، توهان طارق روڊ ڏٺو، سمورو ڪچرو اُتي ڦٽو پيو ڪيو وڃي؟

جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن پلازا واري پارڪنگ ايريا ناهي بڻايو، شهر کان ٻاهر نڪرڻ ۾ 3 ڪلاڪ لڳندا آهن، ڪراچي ميگا سٽي جي معيار تي پورو ناهي لٿو، روڊڻ جو نظام تباهه ٿي ويو آهي.

عدالت حڪم ڏنو ته 1950ع کان هن وقت تائين جو سمورو ماسٽر پلان پيش ڪيو وڃي، جنهن تي وسيم اختر ٻڌايو ته هن وٽ ڪو به ماسٽر پلان ناهي جڏهن ته ڊي جي ايس بي سي اي ٻڌايو ته هن وٽ ماسٽر پلان آهي.

عدالت سمورا ماسٽر پلان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس گلزار احمد جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ لياري ايڪسپريس وي بڻائڻ وڏو ڪردار ادا ڪيو هو، لياري ايڪسپريس وي جو به ٺيڪ سان استعمال ناهي ٿي رهيو، جيترو خرچ لياري ايڪسپريس وي تي ٿيو اوترو ان مان فائدو ناهي ٿي رهيو، آئون به اڪثر اُتان گذرندو آهيان، روڊ تي هر طرفي خاموشي هوندي آهي، هاڻ ته لياري ايڪسپريس وي جي زمين تي به قبضو ٿي رهيو آهي.

جسٽس گلزار ريمارڪس ڏنا ته اِهو به ٻڌايو ته ڪهڙي ماسٽر پلان ۾ ڪنهن جي هدايت تي ڪڏهن تبديلي ڪئي وئي ۽ اِهو به ٻڌايو ڪهڙي رهائشي عمارت کي ڪڏهن ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ڪمرشل ڪيو ويو؟

هن ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي کي ڏسي روئڻ ايندو آهي هن شهر جو ڇا ٿيندو، لڳي ٿو ته جڏهن ماڻهن جي برداشت کان ٻاهر ٿيندو ته ڏاڍو فساد ٿيندو، شهر ۾ داخل ٿيندا آهيو ته فلڪ ناز پلازه تي نظر پوندي آحي جيڪا سرڪاري زمين تي قائم آهي.

سپريم ڪورٽ حددخلين جي خلاف آپريشن نه ڪرڻ تي پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جنهن تي پي آءِ اي اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته شاهدي حاصل ڪيرايا ناهن پر نوٽيس موڪلي ڇڏيا آهن.

جنهن تي عدالت حڪم ڏنو ته اڄ ئي پي آءِ اي زمين تان غير قانوني شادي هال ۽ ٻيون حددخليون ختم ڪن ۽ گڏوگڏ ئي ريمارڪس ڏنا ته توهان کان جهاز نٿا هلن، هليا آهيو شادي هال بڻائڻ؟

بعد ۾ سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ ريلوي جي زمين تان حددخليون 15 ڏينهن ۾ هٽائڻ ۽ سرڪلر ريلوي هڪ مهيني ۾ هلائڻ جو حڪم ڏئي ڏئي ڇڏيو آهي.

ٻڌڻي جي شروعات تي ريلوي واري سيڪريٽري عدالت کي آگاهه ڪيو ته 10 ايڪڙ زمين قبضا ڪندڙن کان خالي ڪرائي وئي آهي، وڌيڪ خالي ڪرائي سنڌ سرڪار حوالي ڪنداسين. جسٽس گلزار احمد چيو ته ريلوي جي زمين خالي ڪرائڻ لاءِ ٻن هفتن کان وڌيڪ مهلت نه ڏينداسين، هڪ مهيني ۾ سرڪلر ۽ لوڪل ٽرين هلايو جتان به کڻي اچو.

 هن چيو ته ريلوي وارو سيڪريٽري اهڙي حال ۾ ڪيئن ٿو سمجهي سگهي، ڪڏهن شهر جو دورو ڪيو آهي، ٽانگي تي ويهي وڃو ۽ جيتري زمين تي حددخليون آهن خالي ڪرايون وڃن.

جسٽس گلزار احمد چيو ته جن ماڻهن حددخليون قائم ڪيون آهن انهن وٽ هر قسم جا هٿيار آهن، اسان وٽ فوج آهي، رينجرز آهي، کين استعمال ڪيو وڃي.

 جسٽس گلزار احمد سيڪريٽري ريلوي کي چيو ته توهان جو هڪ ڊي ايس ڀڄي ويو جنهن زمين خالي ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي هئي.

عدالت هدايت ڪئي ته متاثرن کي وفاق، سنڌ سرڪار۽ ميئر متبادل جڳهه فراهم ڪري.

ٻڌڻي دوران ئي ڪراچي جو گرين لائن منصوبو ۽ ڪي آءِ ڊي سي ايل منصوبو به بحث هيٺ آيو جتي ان ڪمپني جون اختياريون عدالت ۾ پيش ٿيون.

جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته هن شهر کي ڇا ڏيڻ گهرجي ها ۽ توهان ڇا ڏئي رهيا آهيو؟ اِهو ته ائين آهي جو ڄن هڪ ڪينسر جي مريض کي پيناڊول جي دوا ڏني پئي وڃي.

هن پڇاڻو ڪيو ته توهان هن شهر کي ڪيئن چيڙيو جنهن تي اختيارين جواب ڏنو ته ڪمپني وزير اعظم پاڪستان جي هدايت بڻائي وئي هئي جنهن تي جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته وزير اعظم به اهڙا ڪم نٿو ڪري سگهي.

جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته هي ته ائين ڪم ڪري رهيا آهن جيئن ايسٽ انڊيا ڪمپني ڪندي هئي، شهر جي حالت تبديل ڪرڻ کان اڳ ڇا ڪڏهن هن شهر جي واسين جي راءِ ورتي وئي؟

هن اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته ڪمپني جو سي اي او ڪير آهي ۽ ڪاٿي آهي جنهن تي اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته سي اي او جو نالو صالح فاروقي آهي، جيڪو هن وقت اسلام آباد ۾ آهي.

عدالت ڪمپني جي سي اي او جي عدم حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪمپني جي لائسنس کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو جڏهن ته ريمارڪس ڏنا ته هي سمورو ڪم 25 بلين جي لاءِ ٿي رهيو آهي.

اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته منصوبي جو 90 سيڪڙو  ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي جنهن تي جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته ڇا هي بسون روڊن تي نٿيون هلي سگهن انهن جي لاءِ خاص پل بڻايا ويا آهن اُهي ته پنهنجي وزن سان ئي ڪري پونديون، شهر کي انهن جي نه پر زمين هيٺ ريلوي جي ضرورت هئي.

جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته سرجاني کان وٺي گرومند وري نمائش کان ايم اي جناح روڊ تائين جو منصوبو آهي ڇا ان جي لاءِ قائد اعظم جي مزار کي ته ڪجهه نه ٿيندو، ائين نه ٿئي جو قائد اعظم جي مزار کي ڪيرايو وڃي؟

عدالت چيف سيڪريٽري، ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي، ڪي ايم سي سميت ٻين ادارن کان ڪراچي ۾ غير قانوني عمارتن، حددخلين جي خاتمي بابت گڏيل رپورٽ طلب ڪري ورتي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي جي فٽ پاٿن تان حددخليون ۽ رفاعي ادارن جا دسترخوان ختم ڪرڻ جو وارو ٽاسڪ سنڌ جي وڏي وزير جي حوالي ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي عدالت شهر مان حددخليون ختم ڪرائڻ جو ٽاسڪ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي حوالي ڪندي حڪم ڏنو ته وڏو وزير سمورن ادارن سان گڏجي مسئلا حل ڪري.

سپريم ڪورٽ وڏي وزير کي حڪم ڏنو ته سمورين ڌرين سان ڳالهين کان پوءِ شهر کي اصل شڪل ۾ بحال ڪري رپورٽ پيش ڪيو.

عدالت سڄي شهر جي فٽ پاٿن تان اڏاوتن  ختم ڪرائڻ جو به ذمو وڏي وزير جي حوالي ڪندي حڪم ڏنو ته فٽ پاٿن تان رفاعي ادارن جا دسترخوان ۽ شيڊز به فوري ختم ڪيا وڃن.

سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ اسپتال جي سامهون خالي پلاٽن تي ايمبولينس جي لاءِ استعمال هيٺ زمينن کي به خالي ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ انتظاميا کي سڄي شهر ۾ لائنز، زيبر  ڪراسنگ ۽ سائن بورڊ لڳائڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي.

عدالت ڄاڻايل رپورٽ گوگل ايمجيز سان گڏ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ان کان سواءِ سپريم ڪورٽ ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) کي غير قانوني اڏاوتن جي خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جي به هديات ڪئي.

سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته ڪراچي ۾ پارسي ٽيمپل سان گڏ نئين عمارت بڻائي پئي وڃي، جيڪڏهن اِها عمارت غير قانوني آهي ته ان کي به ڪيرايو وڃي.

ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ شهر جي شاهراهن تي پوليس ۽ رينجرز جي چوڪين ۽ حددخليون قائم ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

ٻڌڻي دوران ميونسپل ڪمشنر عدالت کي ٻڌايو ته شاهراهن تي چوڪيون قائم ڪرڻ سان ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿيندي آهي.

جنهن تي عدالت ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) رينجرز سنڌ ۽ انسپڪٽر جنرل ( آءِ جي) سنڌ پوليس کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

سپريم ڪورٽ روڊن تي پوليس ۽ رينجرز جون چوڪيون قائم ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رينجرز، پوليس ۽ ٻين ادارن کان مڪمل رپورٽ طلب ڪري ورتي.

عدالت حڪم ڏنو ته ٻئي آفيسر آفيسن، چوڪين ۽ رنڊڪن بابت رپورٽ پيش ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.