رپورٽ: لکي غلام شاهه ۾ سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 11 ڄڻا زخمي

لکي غلام شاهه ڀرسان فصل جي ڀيل تان سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙِي جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

محمد آباد شهر ۾ عبدالقادر ۽ عبدالخالق سومرو جي ٻن ڌرين ۾ فصل جي ڀيل تان جهيڙي جي نتيجي ۾ نديم سومرو ،غلام حسين سومرو ،حفيظ سومرو ،ممتاز سومرو ،ارشاد ،عبدالقادر سجاد.نورالدين .مجاهد  ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، جن کي پوليس لکي اسپتال منتقل ڪيو ويو,

ڊي ايس پي لکي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جهيڙي کانپوءِ علائقي ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ پوليس پڪٽ قائم ڪئي آهي، جڏهن ته ڌرين جي فرياد تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.