پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ واحد ٽي ٽوئنٽي ميچ اڄ کيڏي ويندي

ڪارڊف ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ واحد ٽي ٽوئنٽي ميچ اڄ ڪارڊف ۾ کيڏي ويندي.

قومي ٽيم اڄڪلهه انگلينڊ ۾ موجود آهي، جيڪا اڄ ميزبان ٽيم خلاف واحد ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏندي.

پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ اها ميچ ڪارڊف جي صوفيا گرائونڊ تي پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي ڇهين وڳي شروع ٿيندي.

قومي ٽيم انگلينڊ خلاف ٽنهي پريڪٽس ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي چڪي آهي ۽ انگلينڊ خلاف واحد ٽي ٽوئنٽي توڙي 5 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ ڪاميابيءَ لاءِ پراميد آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.