گردي جي پيوندڪاري لاءِ ڊرون جو استعمال

ميري لينڊ (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ماهرن ٽيڪنالوجي جي دنيا ۾ هڪ نئو تجربو ڪيو جيڪو انتهائي ڪامياب رهيو، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گردي جي پيوند ڪاري لاءِ ڊرون جو استعمال ڪيو ويو.

يقيني طور تي توهان کي پڙهي ان ڳالهه جو يقين نه ايندو هوندو ته گردي جي پيوندگاري ۾ ڊرون جو ڪامياب استعمال ڪيو ويو ڇو ته اها عقل دنگ ڪندڙ ڳالهه آهي پر اسان توهان کي ٻڌايون ٿا ته اهو ڪيئن ممڪن ٿيو.

آمريڪي رياست ميري لينڊ جي اسپتال ۾ علاج هيٺ 44 سالن جي مريض جي اوچتو طبيعت ناساز ٿي ۽ ڊاڪٽرن فوري گردي پوندڪاري جو فيصلو ڪيو جيتوڻيڪ ايترو جلدي ٻئي عضوي جو ملڻ ناممڪن هو ڇو جو اسپتال پهچائڻ لاءِ ڏکيو رستو طئي ڪرڻ ضروري هو.

ڊاڪٽرن ماهرن کان مشورو ورتو ۽ طئي ڪيو ويو ته پيوندڪاري  لاءِ ڊرون کي استعمال ڪيو وڃي. مشوري جي روشني ۾ ڊاڪٽرن ٻئي گردي کي پارو هڪ ڊٻي ۾ پيڪ ڪيو ۽ پوءِ ان ڊرون ذريعي منتقل ڪيو ويو.

ڊرون 2.6 ميل مفاصلو رڳو ڏهن منٽن ۾ طئي ڪيو ۽ اسپتال پهچيو ويو. ڊاڪٽرن موجب بروقت ڊرون جي پهچڻ سان مريض جي حياتي بچائي وئي، مستقبل ۾ به ڊرون کي ڏکين هنڌن تي ترت طبي امداد پهچائڻ لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو.

يونيورسٽي آف مري لينڊ جي ڊاڪٽرن ۽ ماهرن ان تجربي کي مستقبل لاءِ فائديمند قرار ڏنو آهي ڊاڪٽرن موجب مريض 8 سالن کان ڊائلاسسز تي زندگي گھاري رهيو هو جيتوڻيڪ ان جي پيوندڪاري ڪامياب رهي ۽ ترت هوءِ صحت مند زندگي طرف موٽي ايندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.