ڊگهڙي ۾ پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان موقعي تي حيسڪو جي ڊويزنل چيئرمين امير حسن قائمخاني، ڊويزنل سيڪريٽري بابو سعيد قائمخاني، محمد اشرف، حبيب الله ٽالپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پورهيتن جي حقن لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ هِن مهانگائي جي دور ۾ پورهيتن کي ڪي بھ بنيادي سهولتون ميسر ناهن.
هنن چيو ته اڄ مزدورن جو عالمي ڏينهن ته ملهايو پيو وڃي پر حڪومت کي به گهرجي تھ هوءَ مزدورن جي باري ۾ ڪجهه سوچي.
احتجاج ڪندڙن وسوارن کان مطالبو ڪيو تھ مزدورن جي گهر ڀاتين کي طبعي سهولتون ۽ سندن ٻارن لاءِ سٺي تعليم جا بندوبست ڪيا وڃن ته جيئن پورهيت جو ٻار سٺي تعليم حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري سگهي……………