پاڪستاني سڀ کان وڌيڪ ڪاوڙ ڪندڙ 10 ملڪن جي لسٽ ۾ شامل

اسلام آباد(م ڊ) هڪ عالمي سروي مطابق ماڻهو گهڻا ناراض رهندا آهن، گهڻي دٻاءُ ۾ هوندا آهن ۽ وڌيڪ پريشان رهندا آهن، تقريبن 150 ملڪن جي ڏيڍ لک ماڻهن کان ڪيل هڪ سروي ۾ معلوم ٿيو آهي ته هر ٽيون شخص ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي جڏهن ته هر پنج مان هڪ شخص ٻڌايو ته هو يا ته اداس آهي يا پوءِ ڪاوڙيل آهي، عالمي جذبن جي عڪاسي ڪندڙ ” گيلپ گلوبل ايموشنز رپورٽ ۾ ماڻهن کان انهن جي مثبت ۽ منفي تجربن جي باري ۾ پڇيو ويو، رپورٽ مطابق سڀ کان وڌيڪ منفي ملڪ آفريڪا ۾ واقع چاڊ ۽ ان کانپوءِنائيجيريا  رهيو جڏهن ته سڀ کان مثبت لاطيني آمريڪا جو ملڪ پيراگوئي رهيو، پاڪستان وڌيڪ ڪاوڙ ڪندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ ڏهين نمبر تي آيو،سروي ۾ شامل ماڻهن کان ان طرح جا سوال پڇيا ويا ته ڇا گذريل ڏينهن توهان گهڻو مسڪرايو هو يا گهڻو کليا هئا؟ ۽ ڇا توهان سان ماڻهو عزت سان پيش آيا هئا؟ اهي سوال ماڻهن جي روزاني جا تجربا ڄاڻڻ لاءِ پڇيا وياهئا، پاڪستان ۾ سروي دوران هڪ صارف خوشحال کي لوڊشيڊنگ تي ڪاوڙ ايندي آهي، صحافي رمشا جهانگير کي ”واٽس ايپ گروپن“ تي ڪاوڙ ايندي آهي، صحافي ۽ اينڪر عاصمه شيرازي چيو ته مون کي ڪوڙ ۽ ظلم تي ڪاوڙ ايندي آهي، شهريار رضوان کي فيس بڪ تي هڪ جهڙين پوسٽن تي ڪاوڙ ايندي آهي، هڪ ٽوئٽر صارف لکيو ته ڊرائيونگ ڪندي مون کي ڪاوڙ ايندي آهي، هتي قانون جي ڪو به پابندي نٿو ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.