ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) نيب سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني، قومي ايئر لائن پي آءِ اي ڪرپشن ۽ اڳوڻي وفاقي وزير ڪامران مائيڪل جي ڪيسن سميت ميگا ڪرپشن جي وڏن ڪيسن کي آخري شڪل ڏئي ڇڏي آهي. نيب ميگا ڪرپشن جي وڏن ڪيسن کي آخري شڪل ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ اسپيڪر آغا سراج دراني، قومي ايئر لائن پي آءِ اي ڪرپشن ۽ اڳوڻي وفاقي وزير ڪامران مائيڪل جا ڪيس شامل آهن. ڄاڻايل ڪيسن جا ريفرنس نيب چيئرمين جي منظوري کانپوءِ داخل ڪيا ويندا. ذريعن موجب آغا سراج دراني عزيزن ۽ ملازمن جي نالي تي هڪ ڏهائي 6 ارب جا اثاثا ٺاهيا، ڪامران مائيڪل 11 ڪروڙ جي خرد برد ڪئي ۽ ڪي پي هائوسنگ سوسائٽي ۾ بي نامي ماڻهن جي نالي تي پلاٽنگ ڪئي. اهڙي نموني پي آءِ اي جا ٻه وڏا ڪرپشن ڪيس به فائنل ڪيا ويا آهن. هڪ ڪيس انتظاميه طرفان سي اي ٽي جهاز کي غير قانوني طور گرائونڊ ڪرڻ جو آهي. ٻئي طرف پي آءِ اي طرفان پرائيويٽ لاجسٽڪ ڪمپني سان غير قانوني ٺاهه جو آهي، معاهدي سبب پي آءِ اي کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهتو آهي. هڪ وڌيڪ ڪيس حنيد ايسوسيئٽس ۽ رومي هائوسنگ پراجيڪٽ جو آهي جنهن ۾ عوام سان فراڊ ڪيو ويو، پروجيڪٽس ۾ 104 الاٽيز کي 60 ڪروڙ جو نقصان پهچايو ويو، ڪمپني 1979 کان هن وقت تائين الاٽيز کي قبضو ڏيڻ ۾ ناڪام رهي. نيب ايم ايس حنيف ايسوسيئٽس خلاف انڪوائري مڪمل ڪئي وئي آهي.