رپورٽ:نوشهروفيروز: جسقم جو هندو نارين جي اغوا ۽ بدين ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

*نوشهروفيروز ۾ جسقم جي سڏ تي هندو نارين کي اغوا ڪري سندن زبردستي مذهب تبديل ڪري سندن شاديون ڪرائڻ ، عصمت جوڻيجو جي قاتلن جي گرفتاري ۽ بدين سميت سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

جيئي سنڌ قومي محاذ جي ڪارڪنن آصف راهوجو ، اسد عمراڻي ، اياز راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

  ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته بدين ضلعي کي پاڻي نه ملڻ ڪري لکين ماڻهو پريشان  آهن ۽ زمينون غيرآباد ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي .

هنن چيو ته سرڪار جي نااهلي سبب عصمت جوڻيجو جا قاتل اڃان تائين گرفتار ناهن ٿي سگهيا جيڪا سنڌ ڄائي سان وڏي ناانصافي آهي

  هنن چيو ته سنڌ اندر هندو نياڻين جو مذهب زبردستي مٽائي سنڌي هندن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي جنهن عمل جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.

 هنن مطالبو ڪيو ته سنڌي هندو نارين کي اغوا ڪري مذهب تبديل ڪرائڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي ، نياڻي عصمت جي قاتلن کي ڦاهي تي ٽنگي بدين۾ پاڻي جو مسئلو حل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……………..

********

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.