رپورٽ: خيرپور سول اسپتال ڪروڙين بجيٽ هئڻ باوجود ڪيئن بڻي ڪوس گهر؟؟

خيرپور جي سول اسپتال ۾ انتظاميا جي مبينا غفلت سبب داخل مريض عورت فوت ٿيڻ خلاف وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو.

فوتي جي عورت جي وارثن دانهيندي چيو ته الهوسائي کي ڳڻتي واري حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو، جتي ڊآڪٽرن پاران آڪسيجن جي سهولت نه ڏيڻ خلاف دم گهٽجڻ ڪري هو فوت ٿي وئي

هنن الزام هڻندي چيو ته ڊاڪٽر نياز ابڙو جي لاپرواهي سبب پهريان به ڪيترائي ماڻهو موت جي منهن ڏانهن ڌڪجي ويا آهن، جڏهن ته سندس خلاف ڪو به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي

احتجاج ڪندڙن گهر ڪئي ته واقعي جو ڊاڪٽر نياز ابڙو خلاف ڪيس داخل ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.