ڪراچي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ نقيب الله جي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي ضمانت رد ٿيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .

اڳوڻو ايس ايس پي عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو جنهن تي سندس  جي وڪيل عامر منصوب عدالت کي ٻڌايو ته سندس اصيل عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو آهي کيس مهلت ڏني وڃي جنهن تي عدالت جوابدرن کي آخري مهلت ڏني آهي.ان موقعي تي عدالت وڪيلن کي 14 مئي تي هر صورت ۾ دليل ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت ۾ موجود مقتول نقيب الله جي پيءُ ٻڌايو ته سندنم جي  شاهدن کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن،

مقتول جي والد جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سندن جي شاهدن کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن ۽ جان کي خطرو آهي ان ڪري  جوابدارن جون ضمانتون رد ڪري کين  کي ٻيهر جيل موڪليو وڃي.

ان موقعي تي مقتول نقيب الله جي پيءُ عدالت ۾ جوابدارن جون ضمانتون رد ڪرڻ لاءِ درخواستون  رد ڪرڻ لاءِ پڻ درخواست داخل ڪرائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.