نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ عام چوندن جو چوٿين مرحلي لاءِ ووٽنگ جاري آهي والاريل وادي ۾ چونڊن خلاف مڪمل بائيڪاٽ.
ڀارت ۾ عام چوندن جي چوٿين مرحلي جي شروعات اڄ کان ٿي وئي آهي، چونڊن جي چوٿين مرحلي ۾ بهار، مڌيا پرديش، مهاراشٽرا، اڙيسا، اترپرديش ۽ راجسٿان سميت 8 سيٽن تي پولنگ جو عمل جاري آهي جنهن لاءِ 960 اميدوار ميدان ۾ آهن.
ٻي پاسي والاريل ڪشمير جي ضلعي اننت ناڪ جي سيٽ تي ضلعي ڪلگام ۾ به پولنگ جو ڊرامو جاري آهي پر حريت قيادت جي اپيل تي والاريل وادي ۾ نالي ماتر چونڊن خلاف مڪمل بائيڪاٽ جاري آهي.