اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ ٻن عورت جوابدارن کانپوءِ هڪ وڌيڪ جوابدار سلطاني شاهد ٿيڻ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي ضمانت ۾ 9 مئي تائين واڌ ڪئي وئي آهي. احتساب عدالت نمبر ٻه جي جج ارشد ملڪ جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر عدالت ۾ پيش ٿيا. ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته جوابدار شير محمد سلطاني شاهد ٿيڻ جي درخواست ڏني جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدار جي درخواست ملي وئي آهي، جنهن جو جائزو ورتو پيو وڃي. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته پيپر بڪس جي هڪ ڪاپي تيار ڪئي آهي ۽ عدالت رڪارڊ جو جائزو وٺي. ڪيس سان ڳنڍيل ڪراچي جيل ۾ قيد چئن جوابدارن کي پيش نه ڪيو ويو جنهن بابت جج سوال ڪيو ته جوابدارن جي پيشي لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ کي نوٽيس ڪيو هو، تنهن جو ڇا ٿيو جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته چيف سيڪريٽري طرفان ڪو به جواب نه مليو آهي. عدالت جوابدارن جي طلبي لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي عبوري ضمانت ۾ 9 مئي تائين واڌ ڪندي کين 20، 20 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. عدالت ڪيس ۾ نامزد عبدالغني مجيد، انور مجيد ۽ حسين لوائي کي عدالت سامهون پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو.