مشرف جي واپسي ڊاڪٽرن جي راءِ سان ”مشروط“

 اسلام آباد(م ڊ) آل پاڪستان مسلم ليگ جي سيڪريٽري جنرل مهرين آدم ملڪ چيو آهي ته پرويز مشرف جي واپسي هن جي ڊاڪٽرن جي راءِ سان مشروط آهي، ٽوئيتر پيغام ۾ هن چيو ته اڳوڻو صدر اڃا تائين علاج هيٺ آهي پر هو پاڪستان واپسي جو خواهشمند آهي، هن دعويٰ ڪئي ته مشرف خلاف سياسي نوعيت جا ڪيس قائم ڪيا ويا، واضح رهي ته گذريل ڏينهن  مشرف جي وڪيل سلمان صفدر دعويٰ ڪئي هئي ته مشرف جي خاندان مطابق هو خراب صحت باوجود پهرين مئي تي پاڪستان اچي رهيو آهي، عدالت ۾ پيشي جي تصديق ڪندي هن چيو هو ته مشرف 2 مئي تي عدالت ۾ پيش ٿيندو پر هن جي صحت ٺيڪ ناهي پوءِ به هو ايندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.