حڪمران پارٽي جو ٿاڻي تي حملو ڇا اهو نئون پاڪستان آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان نيازي سراپا آمريت آهي، سرڪاري ادارن، پارليامينٽ ۽ پوليس تي حملو ڪندڙ نيازي صاحب سياسي مخالفن جي زبان بندي ڪري رهيو آهي.هن  پارٽي اڳواڻ شهاب الدين جي پٽ ضلع بدري ۾ ايم پي او جي تحت گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.هن چيو ته اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر جي پٽ جي ايم پي او جي تحت گرفتاري بدترين سياسي انتقام جي عڪاسي ڪري ٿي، سياسي ڪارڪنن کي جيل ۾ وجهي پي ٽي آءِ جي آمريت کلي سامهون اچي وئي آهي..هن چيو ته پراڻي پاڪستان ۾ عمران صاحب پارليامينٽ ۽ پوليس وارن تي حملا ڪندو هو، نئين پاڪستان ۾ هن جا ايم اين اي ۽ حامي ٿاڻن تي حملا ڪري رهيا آهن، هاڻي نئين پاڪستان ۾ محافظ به محفوظ ناهن رهيا،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.