*گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس ۾ سنڌ نرسز الائنس گمس يونٽ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ نرسنگ اسٽاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ملازمن غلام شبير شيخ. ھدايت الله عباسي. اي ڊي ناريجو. راحب علي ڀنڀڻ شھباز عباسي ماروي ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .
احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت گذريل 20 سالن کان پروموشن واري سمري وارو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ صوبي ۾ ھيلٿ پروفيشنل الائونس رسڪ الائونس سروس اسٽريڪچر ۽نرسنگ اسٽوڊنٽس جو وظيفو 25 ھزار ڪيو وڃي انهن سنڌ حڪومت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزير اعلي سنڌ مراد علي شاهه ھيلٿ منسٽر کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نرسنگ اسٽاف جا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن نه ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو