ڪراچي(رپورٽر) ڪراچيءَ جي خانگي اسپتال ۾ مجرماڻي غفلت سبب فوت ٿيل نينگري نشوا جي والد سڀاڻي شام تائين مطالبا منظور نه ٿيڻ تي احتجاج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسپتال جي مالڪن کي گرفتار ڪري انڪوائري ڪميشن جوڙي وڃي. نشوا جي والد قيصر ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نشوا جي درد کي سمجهڻ ۽ آواز اٿارڻ تي ميڊيا جو ٿورائتو آهي، اسان احتجاج جي ڪال ڏني هئي. هن چيو ته اسان وڏي وزير اڳيان ٽي شرط رکيا، پهريون اسپتال کي سيل ڪيو وڃي، وڏي وزير واعدو پورو ڪيو، اسپتال کي سيل ڪيو، اسان جا باقي ٻه بنيادي مطالبا جيڪا اڃا پورا نه ٿيا آهن. سندس چوڻ هو ته اسپتال جي مالڪن خلاف غفلت جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، اسان ڪالهه ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي ته 302 جو ڪيس آهي، مطالبو ڪيو ته اسپتال کي سيل ۽ گورنمينٽ جي تحويل ۾ ورتو وڃي. قيصر علي چيو ته سڀاڻي شام تائين مطالبا منظور نه ٿيا ته آچر تي احتجاج ڪنداسين، ڪنهن سياسي پارٽي جو دٻاءُ ناهي، معاملي کي سياسي رنگ نه ڏنو وڃي.