لاهور(ويب ڊيسڪ) صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسان دنيا جي هڪ اهم ۽ ترقي يافته قوم بڻجي سگهون ٿا.
اهڙن خيالن جو اظهار هن تحريڪ پاڪستان ورڪرز ٽرسٽ ۾ گولڊ ميڊل جي 27هين تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
صدر عارف علوي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته فخر آهي ته منهنجي خاندان جا ماڻهو هندوستان کان پاڪستان آيا، هندوستان جي ورڇ جي وقت خاندان جا ڪيترائي ماڻهو اُتي ئي رهجي ويا.
هن چيو ته تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن جو ڪردار فخر جوڳو آهي، آزاد وطن لاءِ پاڪستان بڻائيندڙن جو ڪردار اهم ترين آهي، اڄ پاڪستان هڪ خوبصورت ملڪ بڻجي ويو.
هن چيو ته اسان دنيا جي هڪ اهم ۽ ترقي يافته قوم بڻجي سگهون ٿا، اسان دهشتگردي جي جنگ ۾70 هزار ماڻهن جون قربانيون ڏنيون، دهشتگردي جو زهر قومن کي تباهه ڪندو آهي، دنيا هن وقت دهشتگردي جي زهر سان کيڏي رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان اڄ به امن چاهيون ٿا، البت ايڪشن ڪيو ويو ته ري ايڪشن به ٿيندو.