مشهور راڳي دلير مهندي بي جي پي ۾ شامل

نئين دهلي ( ويب ديسڪ ) جڳ مشهور راڳي دلير مهندي ڀارتيه جنتا پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب هنس راج ۽ سني ديول کان پوءِ مشهور راڳي دلير مهندي به وزيراعظم نريندرا مودي تي اعتماد جو اظهار ڪندي حڪمران پارٽي بي جي پي جو حصو بڻجي ويو آهي.

دلير مهندي بي جي پي ۾ شموليت جو اعلان هن راج ۽ وفاقي وزير وجي گوئيل سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو، ان موقعي تي ويجهڙائي ۾ ئي  بي جي پي ۾ شموليت اختيار ڪندڙ اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر گوتم گمڀير به موجود هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.