سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي تھ حڪومت کي جڙي اٺ مهينا ٿيا ويا آهن پر حڪومت اڃا سيٽ نھ ٿي سگهي آهي.
آغا سراج دراني کي ملڪيت کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ احتساب عدالت جي منتظم جج جي موڪل سبب جج چار نمبر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
احتساب دالت ۾ پيشيءَ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو تھ حڪومت ڪيستائين هلندي ، اها رڳو الله پاڪ کي خبر آهي ، پر اسان چاهيون ٿا تھ حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري.
هڪ صحافي سوال ڪيو تھ نيب ڪسٽديءَ کان جيل منتقل ٿي رهيا آهيو ، ڪيئن محسوس ڪري رهيا آهيو، جنهن تي سراج دراني چيو تھ ائين محسوس ٿي رهيو آهي جيئن هندستان کان هو پاڪستان آيو آهي.
صحافي هڪ ٻيو سوال ڪيو تھ پيپلزپارٽي جي چيئرمين خلاف وزير اعظم جي ڏيل بيان تي توهان ڇا چوندئو، جنهن تي هن چيو تھ وزير اعظم بابت ڇا چئجي هو احساس ڪمتري جو شڪار آهي.
آغا سراج دراني چيو تھ حڪومت عوامي خواهشن کي پورو ڪري، معيشيت تباهه ٿئي پئي، ان کي ٺيڪ ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي………………..