پاڪستان ايف اي ٽي ايف ۾ پنهنجو ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ تيار…..

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جو مالي سهڪار روڪڻ لاءِ عالمي معيار تي عمل ڪندي ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي جائزي جي سفارتي ڪوششن سان گڏوگڏ پاڪستان 15 مئي تي سري لنڪا ۾ فنانشل ٽاسڪ فورس ( ايف اي ٽي ايف) جي سامهون پنهنجو ڪيس پيش ڪندو.

قومي اسيمبلي جي ناڻي ۽ روينيو بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو ان ڪيمرا اجلاس ٿيو جنهن ۾ ناڻي بابت سيڪريٽري محمد يونس ڍاڪا، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين، سيڪيورٽي ايڪسچينج  ڪميشن آف پاڪستان ( ايس اي سي پي) جي ڪمشنرن، اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستنا جي اعليٰ ترين آفيسرن، پرڏيهي وزارت ۽ نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ ايف اي ٽي ايف جي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان آگاهه ڪيو.

 ميڊيا جي رپورٽن موجب اجلاس ۾ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان هن وقت تائين ايف اي ٽي ايف جي 28-29 نقطن مان 19 تي عملدرآمد ڪرايو ويو آهي جڏهن ته انتظامي ۽ قانون سازي جي حوالي سان 5 نقطن تي ٿيل اڳڀرائي بابت به آگاهه ڪيو ويو.

 ذريعن جو اِهو به چوڻ هو ته حڪومت کي اميد آهي ته باقي نقطن تي مالي بل 20-2019 جي ذريعي هلندڙ سال جون تائين عملدرآمد ڪيو ويندو.

ڪميٽي کي اِهو به ٻڌايو ويو ته پرڏيهي وزارت ايف اي ٽي ايف ۾ جغرافيائي صورتحال بدران ڪارڪردگي جي بنياد تي جائزو وٺڻ لاءِ آمريڪا سميت بااثر ملڪن ۽ يورپي يونين سان رابطو ڪندي ۽ ان جي لاءِ ايف اي ٽي ايف جي صدر مارشل بلنگسليا جي سامهون به موقف پيش ڪيو ويو آهي.

اجلاس کان پوءِ ڪميٽي جي چيئرمين فيض الله صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هو ايف اي ٽي ايف تي ڏنل حڪومتي بريفنگ مان مطمئن آهي، سندس چوڻ هو ته حڪومت ايف اي ٽي ايف جي شرطن تي تيزي سان عمل ڪري رهي آهي ۽ اميد آهي ته معاملا جلد ئي حل ٿي ويندا.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته انهن شرطن تي عملدرآمد ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪنهن کي به هراسان نه ڪرڻ گهرجي سندس چوڻ هو ته حڪومت ڪميٽي کي خاطري ڪرائي آهي ته ڪو عهديدار ايف اي ٽي ايف جي شرطن جو غلط استعمال يا ڪنهن کي هراسان ڪرڻ ۾ ملوث مليو ته ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

 ٻئي پاسي صحافين سان ڳالهائيندي ناڻي واري سيڪريٽري محمد يونس ڍاڪا ٻڌايو ته بيل آئوٽ پيڪيج تي ڳالهين لاءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي وفد جي آمد 27 کان 29 اپريل تائين امڪان آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته جيئن ته تصور ڪيو پيو وڃي ته 24 مئي تي بجيٽ پيش ڪئي ويندي اِهو درست ناهي پر ناڻي واري وزارت مئي جي آخري هفتي ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.