آصف زرداري جي ڪمپني جو اڪائونٽنٽ گرفتار

اسلام آباد(م ڊ)جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي،  نيب راولپنڊي آصف علي زرداري جي ڪمپني پارڪ لين اسٽيٽ جي اڪائونٽنٽ محمد حنيف کي گرفتار ڪري ورتو،محمد حنيف تي نجي بئنڪ کان ڏيڍ ارب جو قرض وٺڻ، جعلي نالن تي پي آرڊر بڻائڻ جو الزام آهي،جوابدار تي ان قرض مان فائدو حاصل ڪندڙ اصل جوابدارن جا نالا لڪائڻ جو به الزام آهي، جڏهن ته پارڪ لين اسٽيٽ جا 25 سيڪڙو شيئر بلاول ڀٽو زرداري جي ملڪيت آهن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.