اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ظالماڻي رياستي تشدد جي خاتمي لاءِ پارليامينٽ ۾ مسودو پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي رياست جي ظالماڻي تشدد جي خاتمي لاءِ پارليامينٽ ۾ قانون سازي ڪندي.
#PPP will bring legislation in Parliament to end the barbaric practice of torture at the hands of the state. Police, agencies & NAB all have a long and sordid history of such practices. We know it is still on going. No civilized democratic country functions this way. #EndTorture https://t.co/0u09tud220
— BilawalBhuttoZardari (@BBhuttoZardari) April 23, 2019
هن چيو ته پوليس، نيب ۽ ايجنسين جي تشدد جي حوالي سان ڊگهي تاريخ آهي ۽ اسان ڄاڻون ٿا ته رياستي تشدد جو سلسلو هاڻ به جاري آهي، ڪنهن به مهذب جمهوري رياست کي تشدد جي پاليسي تحت نٿو هلائي سگهجي.