*جهڏي جي تعلقه اسپتال جي نئين بلڊنگ جو معائنو ڪيو ويو جڏهن ته رورل هيلٿ سينٽر جهڏو جي پراڻي بلڊنگ ڊيميج هئڻ سبب او پي ڊي کي عارضي طور نئين عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو .
ڊي ايڇ او مير پورخاص مير عبدالغفور ٽالپر فوڪل پرسن مير مختيار ٽالپر پاڪستان پيپلزپارٽي سٽي صدر مير عرفان ٽالپر ڪونسلر سيد امداد شاھ آئي ايڇ ايس جو آفيسر علي محمد مهر تعلقه اسپتال جهڏو جي 33 ڪروڙ جي لاڳت سان تيار ٿيل سٺ بيڊ جي تعلقي اسپتال جي بلڊنگ جو معائنو ڪيو .
انهي موقعي تي مير عرفان ٽالپر اسپتال جي ٺيڪيدار سان ڳالهائيندي چيو ته ڪار پارڪنگ واري جاءِ تي شيڊ ۽ بلاڪس نه لڳل آهن جيڪي جلد از لڳايا وڃن. ايمبولينسون خراب هجڻ سبب عوام پريشان آهي.
انهي موقعي تي علي محمد مهر چيو ته جلد اهي شڪايتون ختم ڪري تعلقه اسپتال ۾ بهتر سهولتون مهيا ڪنداسين………………….