لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز وزير اعظم عمران خان جي ايران واري دوري دوران ڏنل بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
وزير اعظم عمران خان جي ايران ۾ بيان تي رد عمل جوا ظهار ڪندي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز جو چوڻ هو ته سياسي تاريخ ۾ ڪنهن به پنهنجي ملڪ جي ڪنهن ٻئي ملڪ جي پرڏيهي اڳواڻن سان گڏ ويهي تذليل ناهي ڪئي.
Vilifying & defaming your own country on foreign soil, sitting with foreign leaders, does not find a parallel in the national and diplomatic history. Imagine what the Iranian leadership would be thinking! pic.twitter.com/yaOhI0u4Pf
— Maryam Nawaz Sharif (@MaryamNSharif) April 23, 2019
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي خبر ناهي ته ايراني اڳواڻ اسان بابت ڇا سوچيندا هوندا.