ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي تھ عصمت واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي معطل ڪيو ويو آهي، جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ صوفي بزرگ حضرت قلندر لال شهباز جي سالياني عرس جي انتظامن جي حوالي سان چيف سيڪريٽري سنڌ جي صدارت هيٺ اهم جلاس ٿيو .
اجلاس ۾ ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد پاران ڪيل انتظامن بابت سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
ان موقعي تي ڪمشنر حيدراباد ميڊيا کي ٻڌايو ته انڊس هاءِ وي تي حادثن کي روڪڻ توڙي پانڌيئڙن جي رهنمائي لاءِ موٽر وي پوليس جا ٽي سئو اهلڪار موجود هوندا..
هن چيو ته شھر ۾ چاليهھ ھيٽ اسٽروڪ سينٽر ۽ ڪئمپ اسپتالون قائم ڪيو ويو آھن، جڏھن ته ايمبولينس سروس جي موجودگي کي به يقيني بڻايو ويو آهي .
چيف سيڪريٽري چيو ته هن سال 25 لک زائرين جي عرس ۾ شرڪت کي نظر ۾ رکندي انتظام ڪيا ويا آهن جڏهن ته اڙل واهه ۾ وهنجڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي .
اجلاس دوران مرتضيٰ وهاب ڳالهائيندي چيو تھ نشوا واري معاملي تي سي ايم هائوس کي رپورٽ پيش ڪئي ويندي، ميسحائي پيشي ۾ هوندي ايڏيون غلطيون ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.
هن چيو تھ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي معطل ڪيو ويو آهي، جن به هي وحشياڻو عمل ڪيو انهن خلاف ڀرپورڪارروائي ڪئي وئي آهي جڏهن تھ عصمت جي ڪيس۾ پنج جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن.
سندس چوڻ هو تھ عمران خان پنهنجي ناڪامين جو ڍير ٻين تي وجهڻ بجاءِ پاڻ ناڪامي قبول ڪري.
مرتضيٰ وهاب چيو تھ وزيراعظم جيڪي ايران ۾ انڪشاف ڪيا آهن ان سان تاريخ جا وڏا پروفيسر بھ پريشان آهن.
هن چيو تھ وزيراعظم ايران جي دوري دوران پنهنجي تقرير ۾ چيو تھ جرمني ۽ جاپان جون سرحدون ملائي خان صاحب پنهنجو علم ٻڌائي ڇڏيو.
سندس چوڻ هو تھ وزيراعظم جي ان بيان مان پتو پئجي ويو ته معاشي مسئلن جو ذميوار اسد عمر نه پر وزيراعظم پاڻ آهي.
وڏي وزير جي صلاحڪار چيو تھ عمران خان پنهنجن ناڪامين جو ملبو ٻين تي وجهڻ بجاءِ پاڻ ذميواري قبول ڪري.
هن چيو تھ ملڪ جو عوام انقلاب جون ڳالهيون ڪندڙ وزيراعظم کي ڳولي رهيو آهي، ماضي ۾ انقلاب جون ڳالهيون ڪندڙ عمران خان پاڻ اسٽيٽسڪو جو حصو بڻجي ويو آهي.