جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ وڌيڪ پنج جوابدار گرفتار

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ نيب ڪراچي مان وڌيڪ پنجن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.  نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ وڌيڪ پنجن جوابدارن کي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري مان گرفتار ڪيو آهي. گرفتار ٿيل جوابدارن نذير جوکيو، محمد اقبال، غلام دستيگر شامل آهن. سمورن جوابدارن کي جلد ڪراچي مان اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو، نيب گذريل ڏينهن به نديم ڀٽو ۽ جميل بلوچ کي گرفتار ڪيو هو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.