غلط انجيڪشن سبب فوت ٿيل معصوم ٻارڙي نشوه لاءِ فنڪارن پاران ڏک جو اظهار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿيل ٻارڙي نشوه جي موت تي فنڪارن نه رڳو افسوس جو اظهار ڪيو پر اسپتال انتظاميا جي غفلت ۽ لاپرواهي تي ڪاوڙ جو اظهار به ڪيو آهي.

ناليواري اداڪارا ارمينا خان نشوه جي موت تي افسوس جو اظهار ڪدي نشوه لاءِ دعا گھرندي چيو آهي ته نشوه جنت ۾ فرشتن سان گڏ کيڏي. گڏوگڏ هن نشوه جي والدين لاءِ صبر جي دعا ڪندي چيو ته والدين لاءِ دنيا ۾ سڀ کان ڏکوئيندڙ گھڙي پنهنجي اولاد کي قبر ۾ دفنائڻ آهي. ارمينا خان ڪراچي جي اسپتالن ۾ ئي ڊاڪٽرن ۽ اسپتال عملي جي هوس جي ور چڙهيل عصمت جي واقعي بابت به افسوس جو اظهار پڻ ڪيو.

 اداڪار فيصل قريشي نشوه جي موت تي افسوس ڪندي اسپتال انتظاميا جي غفلت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته خبر ناهي ڪيترا ٻار لاپرواهي سبب فوت ٿيا هوندا، ڪو جواب ڏيندو. ڊراما سيريل “زندگي گلزار هي” جي اداڪارا منشا پاشا غفلت غفلت ڪندڙ اسپتال تي ڪاوڙجندي چيو ته صحت مند زندگي سڀ کان وڏي دولت آهي پر توهان صحت کي رڳو پيسا ٺاهڻ جو هڪ ذريعو سمجهو آهي. نشوه جي تصوير دل ٽوڙي ڇڏي خدا ننڍي نشوه کي جنت جو اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ هن جي والدين کي همت ڏي.

 اداڪار علي رحمان خان پڻ نشوه جي موت تي پاڪستان ۾ صحت جي مرڪزن ۾ ٿيندڙ لاپرواهي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وزيراعظم عمران خان ۽ حڪومت کان اهڙن معاملن خلاف سخت ايڪشن کڻڻ جي درخواست ڪئي آهي. راڳي علي گل پير چيو ته نشوه جي روپ ۾ اسان هڪ سهڻي زندگي وڃائي ڇڏي آهي ۽  اهو سڀني اسپتالن جي مجرماڻي غفلت کي نظر انداز ڪرڻ سبب ٿيو آهي، اميد آهي ته نشوه جي والدين کي انصاف ملندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.