رپورٽ: کپرو: حضرت سخي لال شھباز قلندر جي ميلي ۾ شرڪت لاءِ قافلو روانو

کپري مان حضرت سخي لال شھباز قلندر جي ميلي ۾ شرڪت لاءِ قافلو روانو ٿي ويو.

جنگ شاهه بابا وٽان رڪشا يونين کپرو پاران 30 رڪشن ۽ 10 موٽر سائيڪلن تي وفد سيوهڻ روانو ٿيو.

عبداللطيف جٽ،عبدالنبي بڙدي، وجهو لانگھاڻي ،مراد جٽ ۽ ٻين 30 ميٽر وڏي چادر کڻي دھلن ۽ شرناين سان لال جي ميلي تي روانا ٿيا.

پانڌيئڙن جو چوڻ ھو تـ حضرت سخي لال شھباز قلندر جي ميلي تي وڃي روحاني سڪون حاصل ڪندا آھن.

هنن چيو ته سنڌ جا ولياءَ ۽ بزرگ سونھن آھن جنهن لاءِ حاضري ڀرڻ فرض سمجهن ٿا……………..

Leave A Reply

Your email address will not be published.